Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

ته يڪدم ان جو حل ڪڍڻ گھرجي نه ته پاڻي ضائع ٿيندو رهندو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله!    آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو: ”پياري آقا جون پياريون ادائون“ هن بيان ۾ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون ڪجھ پياريون پياريون ادائون ۽ سُنَّتون مثال طور پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڳالهائڻ جو انداز ڪهڙو هو؟ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي کائڻ جو انداز ڪهڙو هو؟ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو معاشري ۾ رهڻ جو انداز ڪهڙو هو؟ گڏوگڏ اهو به ته صحابه ڪرام و ۽ صحابيات ۽ بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ اللّٰهُ المُبِين جي سنّتِ رسول سان والهانه محبت ۽ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ جي واقعن جي باري ۾ آئنده هفتي بيان ٿيندو۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ