Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

نمازين کي نمازي بڻائي ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس مسجدن کان پري رهڻ وارن کي مسجدن جي ويجھو ڪري ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان نيڪين ۾ رَغبَت پيدا ٿئي ٿي۔٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان عَلائقي (Area) ۾ مَدَني ڪمن جي ڌُوم مچي ويندي آهي۔٭چوڪ دَرس نمازن جي پابندي جو ذِهن بنائڻ سان گڏوگڏ عِلمِ دِين جون گھڻيون ڳالهيون پهچائڻ جو ذريعو آهي، اچو! ترغيب لاءِ چوڪ درس جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا

چوڪ درس جي بَرَڪت سان سُڌري ويو

      لائنز ايريا (بابُ المدينه ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي گهٽي (Street) ۾ بيهي دعوتِ اسلامي جو هڪ باعمامه اسلامي ڀاءُ اڪيلو ئي چوڪ درس ڏئي رهيو هو، توڙي جو هو دِين کان عملي طور تي ايتري قدر پري هو جو سبز عمامي وارن کي ڏسي ڀڄي ويندو هو پر خبر ناهي ان اسلامي ڀاءُ کي اڪيلو درس ڏيندو ڏسي ان کي ترس آيو، پوءِ هو چوڪ درس ۾ شريڪ ٿي ويو، چوڪ درس ۾ شريڪ ٿيڻ ئي ان جي اِصلاح جو سبب بڻجي ويو ۽ هو به مَدَني ماحول سان وابَسته ٿي ويو، اهو بيان ڏيڻ وقت اَلْحَمْدُ لِلّٰه هو علاقائي سطح تي مَدَني اِنعامات جو ذِمّيدار آهي، هڪ اهو ڏينهن هو جڏهن هو سبز عمامي وارن کي ڏسي ڀڄي ويندو هو پر الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان انهن کي پاڻ عمامو شريف سجائڻ جي سعادت به حاصل ٿي۔

تمہیں    لُطف    آجائے   گا   زندگی  کا                                     قریب آکے دیکھو ذرا مَدَنی ماحول

نبی کی مَحَبَّت میں رونے کا انداز                                        چلے  آؤ  سکھلائے  گا  مَدَنی  ماحول

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ                                          تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول

سنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللّٰہ                               تم اپنائے رکّھو سدا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد                    

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا جو دستور آهي ته بادشاھ جڏهن پنهنجي درٻارين مان ڪنهن کي پنهنجي عنايتن سان خاص ڪندا آهن ته ان کي اهڙا