Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

رهي آهي، جيڪڏهن قرآنِ ڪريم کي محبتِ رسول جي نظر سان ڏٺو وڃي ته سڄي جو سڄو قرآن  حضور نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نعت  آهي، اچو! ان جون وڌيڪ جهلڪيون ملاحظه ڪيون ٿا. 

الله پاڪ سيپاري 30 سوره ڪوثر آيت نمبر 1 ۾ هن طرح ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ(۱) (پ۳۰، الڪوثر:۱)

تَرجمو ڪنزُ الايمان: اي محبوب بيشڪ اسان توکي بي شُمار خوبيون عطا ڪيون آهن.  

حضرت علامه مولانا مفتي محمد نعيم الدين مراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي حوالي سان فرمائن ٿا: (اي محبوب بيشڪ اسان توهان کي اڻ کٽ خوبيون عطا ڪيون آهن) ۽ کوڙ فضيلتون عنايت ڪري سڄي مخلوق تي (توهان کي) افضل ڪيو، حسنِ ظاهر به ڏنو، باطني حسن به (عطا فرمايو)، نسبِ عالي به (ڏنو)، نبوت (جو اعليٰ رتبو) به، ڪتاب به (عطا فرمايو ۽)، حڪمت به، (سڀ کان وڌيڪ) علم به (ڏنو ۽) (سڀ کان پهريان) شفاعت (ڪرڻ جو اختيار) به، حوضِ ڪوثر (جهڙي عظيم نعمت) به (ڏني ۽) مقام محمود به، ڪثرتِ اُمّت به (اوهان جو حصو آهي ۽) دين جي دشمن تي غلبو به (اوهان کي عطا ڪيو) ۽ بي شمار نعمتون ۽ فضيلتون (اوهان کي اهڙيون عطا فرمايون) جن جي انتها ناهي۔ (خزائن العرفان،ص:۱۱۲۲،ملخصاً)

انهيءَ ڳالھ ڏانهن اشارو ڪندي امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

ربّ ہے مُعطِی یہ ہیں قاسِم                                    رِزق اُس کا ہے کِھلاتے یہ ہیں

اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰکَ الْکَوْثَر                                                                                                                        ساری کثرت پاتے یہ ہیں

(الاستمداد،ص۶)

حوضِ ڪوثر ڪنهن کي نصيب ٿيندو؟

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گهڻو ڪجهه عطا ڪيو ويو ۽ گهڻو ڪجهه عطا ڪيو ويندو. اچو ٻڌون ٿا ته حوضِ ڪوثر ڇا آهي! الله پاڪ اسان جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هڪ حوض عطا فرمايو آهي جنهن جو پاڻي کير کا وڌيڪ اڇو، ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو، مشڪ کان وڌيڪ خوشبودار آهي. جيڪو هڪ ڀيرو پيئندو وري ڪڏهن پياسو(اُڃارو) نه