Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

ٻڌائيندڙ) تي اي ايمان وارؤ! ان (محبوب) تي درود پڙهو خوب سلام موڪيلو. (پ22،الاحزاب:56)

 اي عاشقانِ رسول: خبر پئي ته٭ الله پاڪ ۽ ان جا ملائڪ نبي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود موڪليندا آهن. ٭ هي آيتِ مبارڪه سيدالمرسلين صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي صريح نعت آهي. ٭ اها به خبر پئي ته الله پاڪ پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي رحمت نازل فرمائيندو آهي ۽ ملائڪ به پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حق ۾ دعاءِ رحمت ڪندا آهن. ٭ هن آيت ۾ ايمان وارن کي پياري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود ۽ سلام موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٭ اهو به معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ڪو ڪم اهڙو آهي جيڪو الله پاڪ جو به هجي، ملائڪ به ڪندا هجن ۽ مسلمانن کي به ان جو حڪم ڏنو ويو هجي ته اهو صرف ۽ صرف آقاءِ دوعالم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود شريف موڪلڻ آهي.

مومنو پڑھتے  نہیں کیوں اپنے آقا پر دُرُود                    ہے فِرشتوں کا وظیفہ اَلصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام

(قبالۂ بخشش، ص۹۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَنِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله!