Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

مختصروضاحت: يعني اسان جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڇوته تمام جهان جي خالق ۽ مالڪ جا حبيب آهن، ايئن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام جهانن جا مالڪ ٿيا. ڇوته محب جي هرشيءِ محبوب ئي جي هوندي آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

خدا چاهي ٿو رضاءِ محمد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو هڪ ٻيو واقعو ۽ آيتِ ڪريمه شانِ نزول تفسير سان ٻڌون ٿا:

جيئن تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي ته جڏهن حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مدينه منوره ۾ تشريف کڻي آيا ته انهن کي بيت المقدس جي طرف منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي حڪم جي پيروي ڪندي نمازون ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. البت حضور پرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قلبِ اطهر جي خواهش هئي ته خانه ڪعبه کي  مسلمانن جو قبلو بنايو وڃي. ته هڪ ڏينهن نماز جي حالت ۾ حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  هن اميد سان هر هر آسمان جي طرف ڏسي رهيا هئا ته قبلي جي تبديلي جو حڪم اچي، ان تي نماز جي دوران هي آيتِ ڪريمه نازل ٿئي جنهن ۾ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا کي رضاءِ اِلاهي قرار ڏيندي ۽ پاڻ سڳورنصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهرهءِ انور جي حسين انداز کي قرآن ۾ بيان ڪندي پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خواهش ۽ خوشي جي مطابق ڪعبي شريف کي قبلو بڻايو ويو. پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  نماز ئي جي حالت ۾ خانه ڪعبه جي طرف ڦريا، مسلمان به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ انهيءَ طرف منهن ڪيو ۽ ظهر جون ٻه رڪعتون بيت المقدس جي طرف ٿيون ۽ ٻه رڪعتون خانه ڪعبه جي طرف منهن ڪري ادا ڪيون ويون۔ تفسیر صراط الجنان، ۱/۲۳۳ملتقطاً)

اها آيتِ ڪريمه جيڪا نازل ٿي اها هي آهي:

قَدْ نَرٰى تَقَلُّبَ وَجْهِكَ فِی السَّمَآءِۚ-فَلَنُوَلِّیَنَّكَ قِبْلَةً تَرْضٰىهَا۪-فَوَلِّ وَجْهَكَ شَطْرَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِؕ-وَ حَیْثُ مَا كُنْتُمْ فَوَلُّوْا وُجُوْهَكُمْ شَطْرَهٗؕ                                                           

ترجمو ڪنزالايمان: اسان توهان جو هرهر آسمان ڏانهن منهن ڪرڻ ڏسي رهيا آهيون، پوءِ جنهن قبلي ۾ توهان راضي هجو (اوڏانهن) ضرور اوهان کي ڦيرائينداسين، هاڻي