Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

پاڻيءَ ۾ اِسراف کان بچڻ بابت ڪجھ نڪتا

اچو! !شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’وضو جو طريقو‘‘ مان پاڻي ۾ اسراف سان بچڻ بابت ڪجھ نڪتا ٻڌون ٿا۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلَاحَظَه ڪريو: (1) فرمايائون: وُضُو ۾ تمام گھڻو پاڻي وهائڻ ۾ ڪا ڀلائي ناهي ۽ اهو ڪم شيطان جي طرفان آهي۔ (ڪنْزُ الْعُمّال،۹/۱۴۴،حديث:۲۶۲۵۵) (2) آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ شخص کي وضو ڪندي ڏٺو ته فرمايائون؛ اسراف نه ڪر، اِسراف نه ڪر۔ (اِبن ماجه ،ڪتاب اطهارۃ و سننها،باب ما جاء في القصد في الوضوء۔۔ الخ،۱/ ۲۵۴، حديث:۴۲۴) ٭ جيڪڏهن وَقف ٿيل پاڻي مان وُضو ڪيو ته گھڻو پاڻي خَرچ ڪرڻ بِالْاِتِّفاق حرام آهي۔ (وضو جو طريقو ،ص۴۲) ٭ ڪجهه ماڻهو ٻُڪ ۾ پاڻي اهڙيءَ طرح وجھندا آهن جو وهڻ لڳندو آهي حالانڪه جيڪو پاڻي هارجي ويو سو بيڪار ٿي ويو، ان کان احتياط ڪرڻ گھرجي۔ (وضو جو طريقو ،ص۴۲) ٭ اڄ تائين جيترو به ناجائز اسراف ڪيو آهي ان کان توبهه ڪـري اڳتي ان کان بچـڻ جي ڀرپور ڪوشش شروع ڪريو۔٭ وضو ڪرڻ وقت ٽونٽي احتياط سان کوليو، وضوءَ جي دؤران ڪوشش ڪريو ته هڪ هٿ ٽونٽيءَ جي مٿان هجي ۽ ضرورت پوري ٿيڻ کانپوءِ هرهر ٽونٽي بند ڪندا رهو۔٭ ڏندڻ، گرڙي، گرڙو، نڪ جي صفائي، ڏاڙهي ۽ هٿن پيرن جي آڱرين جو خِلال ۽ مَسۡحۡ ڪرڻ وقت هڪ به ڦڙو نه ڪري ۽ ائين چڱيءَ طرح ٽونٽي بند ڪرڻ جي عادت بڻايو ۔٭ سياري ۾ وضو يا غسل ڪرڻ يا ٿانوَ ۽ ڪپڙا وغيره ڌوئڻ لاءِ گرم پاڻي حاصل ڪرڻ خاطر پائيپ ۾ جمع ٿيل ٿڌو پاڻي ائين ئي وهائي ڇڏڻ بدران ڪنهن ٿانوَ ۾ پهريان ئي ڪڍي وٺڻ جي ترڪيب بڻايو۔ ٭ هٿ يا منهن ڌوئڻ لاءِ صابڻ جي گج بڻائڻ لاءِ به پاڻي احتياط سان خرچ ڪريو ٭ استعمال کان پوءِ اهڙي صابڻ داڻي ۾ صابڻ رکو جنهن ۾ پاڻي بلڪل نه رڪي۔٭ پيئڻ کان پوءِ گلاس ۾ بچيل پاڻي اڇلائي ڇڏڻ بدران ٻئي اسلامي ڀاءُ کي پيئاري ڇڏيو يا ڪنهن ٻي استعمال ۾ آڻيو۔ ٭ استنجا خاني ۾ لوٽو استعمال ڪريو ڇوته فواري سان طهارت ڪرڻ ۾ پاڻي به گھڻو خرچ ٿيندو آهي ۽ پير به اڪثر آلوده ٿي ويندا آهن۔ ٭ نل مان قطرا ٽمندا رهن