Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

محمود“ قرار ڏنو ويو۔ الغرض سڄو قرآن ئي الله پاڪ پنهنجي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۾ نازل فرمايو آهي۔

اعلٰي حضرت  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيڏو نه خوب فرمائن ٿا:

اللہ کی سر تا بقدم شان ہیں یہ

اِن سا نہیں انسان وہ انسان ہیں یہ

قرآن تو ایمان بتاتا ہے انہیں

اور ایمان یہ کہتا ہے مری جان ہیں یہ

                                                           (حدائقِ بخشش، ص۲۳۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قرآن ۽ مدحتِ مُصطفٰي

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته قرآن ڪريم ۾ خود ربّ ڪريم پنهنجي محبوب جي ساراھ فرمائي رهيو آهي، پنهنجي محبوب جا اوصاف، شان وعظمت ۽ خصوصيات کي پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ بيان فرمائي رهيو آهي.

    اي عاشقانِ رسول! جن جي تعريف پاڻ ان جو رب ڪري ته ڪنهن انسان جي وس جي ڳالهه ناهي ته الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعريف جو حق ادا ڪري سگهي. اعلٰي حضرت ڪيڏو نه خوب فرمايو آهي:

اے رضاؔ خود صاحبِ قرآں ہے مدّاحِ حضور                  تجھ سے کب ممکن ہے پھر مدحت رسول اللہ کی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پياري آقا، مڪي مدني مُصطفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ شان، فضيلتون ۽ خصوصيتون بزبانِ قرآن ٻڌي رهيا هئاسين، يقيناً اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ته بي مثال آهي، يقيناً جنهن ذاتِ بابرڪات تي الله پاڪ جو فضلِ عظيم هجي ان جي فضيلت ڪير شمار ڪري سگھي ٿو؟ حضرت امام قاضي عياض مالڪي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ”شفاء شريف“ ۾ ارشاد