Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

رهندو، حضور اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن سان پنهنجي امت کي سيراب فرمائيندو. (ڪتاب العقائد، ص 38 ملخصًا)

   قيامت جي ڏينهن جڏهن نَفسا نفسيءَ جو عالم هوندو ۽ گرميءَ جي شدت سبب ماڻهن جون زبانون سڪي ڪري ڪنڊا بڻجي چڪيون هونديون اهڙي وقت ۾ اهي ماڻهو خوش نصيب هوندا جن کي الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حوضِ ڪوثر سان سيراب ڪندو. روايتن ۾ اهڙين نيڪين جو بيان موجود آهي جن جي برڪت سان ڪوثر جو جام نصيب ٿيندو، انهن روايتن جو خلاصو هي آهي ته! آبِ ڪوثر ان کي نصيب ٿيندو جيڪو درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ وارو هوندوv آبِ ڪوثر ان کي نصيب ٿيندو جيڪو روزيدار کي کاڌو کارائڻ وارو هوندوv آبِ ڪوثر ان کي نصيب ٿيندو جيڪو غير ضروري گفتگو کان بچندو هوندوv آبِ ڪوثر ان کي نصيب ٿيندو جيڪو راههِ خدا جي مسافرن کي پاڻي پيئارڻ وارو هوندو.

ٹھنڈا ٹھنڈا میٹھا میٹھا                                            پیتے ہم ہیں پِلاتے یہ ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

تنهنجي چمڪندڙ چهري جو قسم

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيل حضور نبي رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعريف ۽ اوصاف جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، ربّ ڪريم پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ پنهنجي محبوب جي طرح طرح سان تعريف بيان فرمائي آهي۔ ڪٿي ته ڪيئي ڪيئي آيتن ۾ حضور جي نعت موجود آهي ته ڪٿي سڄي سڄي سورت محبوب جا وصف بيان ڪندي نظر ايندي آهي، ڪٿي محبوب جي قدمن کي لڳندڙ خاڪ جو قسم بيان فرمايو آهي ته ڪٿي محبوب جي مبارڪ شهر جو قسم بيان فرمايو آهي۔ ڪٿي محبوب سان نسبت رکندڙ شين جي عظمت و رفعت کي بيان فرمايو آهي ته ڪٿي محبوب جي مُبارڪ چهري جو قسم بيان فرمايو، ته ڪٿي محبوب جي رات جي اونداهي ۾ عبادت ڪرڻ کي بيان فرمايو آهي۔ الغرض سڄو ڪلامِ الٰهي حضور جي مدح بيان ڪندي نظر ايندو آهي۔

      سورة والضحيٰ ئي کي ڏسي وٺو ته اها مڪمل سورت ئي حضور عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ