Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

فرمائن ٿا: حَارَتِ الْعُقُولُ فِي تَقْدِيرِ فَضْلِهٖ عَلَيْهِ وَخَرِسَتِ الْأَلْسُنُ، يعني الله ڪريم جو جيڪو فضل حضور عَلَيۡهِ السَّلَام تي آهي، ان جو اندازو ڪرڻ کان عقل حيران آهن ۽ زبانون عاجز آهن۔ (الشفاء بتعريف حقوق المصطفيٰ،۱ /۱۰۳)

       سَيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

سَروَر کہوں کہ مالک و مَولیٰ کہوں تجھے

باغِ خلیل کا گلِ زَیبا کہوں تجھے

تیرے تو وَصْف عیبِ تناہی سے ہیں بَری

حیراں ہوں میرے شاہ میں کیا کیا کہوں تجھے

کہہ لے گی سب کچھ اُن کے ثنا خواں کی خامُشی

چُپ ہو رہا ہے کہہ کے میں کیا کیا کہوں تجھے

لیکن رضا نے ختم سخن اس پہ کر دیا

خالق کا بندہ خلق کا آقا کہوں تجھے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مجلس سوشل ميڊيا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ پنهنجي محبوب کي ايتري قدر خوبيون ۽ شان و عظمت سان نوازيو هو جو ان کي شمار نٿو ڪري سگھجي، تنهنڪري سيرتِ مُصطفٰي بابت ڄاڻڻ، حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حقيقي محبت ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه! جتي دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ 107 کان وڌيڪ شعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اتي ميڊيا جي هن دور ۾ ٽيڪنالوجي پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي۔ خاص طور تي انٽر نيٽ جي ايجاد کان پوءِ سوشل ميڊيا (Social Media) جي ذريعي سڄي دُنيا ۾ ڪٿي به رابطن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو آهي۔ فيس بڪ (Facebook)، انسٽا گرام (Instragram)، واٽس ايپ (Whatsapp)، ٽوئٽر (Twitter) ۽ هن طرح جي ٻين ويب سائٽس (Websites) سڄي دنيا ۾