Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

انهيءَ بري نيت سان چوڻ شرع ڪري ڏنو. حضرت سعد بن معاذ رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ يهودين جي اصطلاح کان واقف ها. پاڻ رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ هڪ ڏينهن اهو ڪلمو انهن جي زبان مان ٻڌي فرمايو: اي دشمنانِ خدا! توهان تي الله جي لعنت هجي، جيڪڏهن مون هاڻي ڪنهن جي زبان مان اهو ڪلمو ٻڌو ته ان جو ڪنڌ لاهي ڇڏيندس. يهودين چيو: اسان تي ته توهان ڪاوڙ ڪري رهيا آهيو جڏهن ته مسلمان به ته اهو چون ٿا، ان تي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ رنجيده ٿي ڪري سرڪارِ دوعالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿيا ئي هئا ته هي آيتِ ڪريمه نازل ٿي جنهن ۾ ”راعنا“ چوڻ کان منع ڪيو ويو ۽ ان معنٰي جو ٻيو لفظ ”انظرنا“ چوڻ جو حڪم ٿيو.

(قرطبی، البقرۃ، تحت الآیۃ: ۱۰۴، ۱/۴۴-۴۵، الجزء الثانی، تفسیر کبیر، البقرۃ، تحت الآیۃ: ۱۰۴، ۱/۶۳۴، تفسیر عزیزی(مترجم)۲/۶۶۹، ملتقطاً)

 سيپاري 1 سُورَةُ البقرة جي آيت نمبر 104 ۾ ارشاد آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَقُوْلُوْا رَاعِنَا وَ قُوْلُوا انْظُرْنَا وَ اسْمَعُوْاؕ-وَ لِلْكٰفِرِیْنَ عَذَابٌ اَلِیْمٌ(۱۰۴) (پ 1 البقرة 104)

ترجموڪنزالايمان؛ اي ايمان وارؤ راعنا(جو لفظ عرض ۾) نه چئو ۽ عرض ڪريو ته آقا اسان تي نظر رکو ۽(پهريائين) غور سان ٻڌو ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.۔

هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان تفسيرِ صراط الجنان ۾ لکيل ڪجھ علمي فائده پيشِ خدمت آهن:

(1) انبياءِ ڪرامعَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي تعظيم ۽ توقير ۽ انهن جي حضور ۾ ادب جو لحاظ رکڻ فرض آهي ۽ جنهن ڪلمي ۾ ترڪِ ادب جو معمولي به انديشو هجي اهو زبان تي آڻڻ ممنوع آهي.

(2) اهي الفاظ جن جا ٻه معنٰي هجن، سُٺا ۽ برا ۽ لفظ ادا ڪرڻ ۾اُن بُري معنيٰ جي طرف به ذهن ويندو هجي ته اهو به الله پاڪ ۽ حضورِ اقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي لاءِ نه استعمال ڪيو وڃي.

(3) اهو به معلوم ٿيو ته حضور پرنورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ جو ادب ربُّ الۡعَامِين پاڻ سيکاري ٿو ۽ تعظيم جي متعلق احڪام پاڻ جاري فرمائي ٿو.

(4) هن آيت ڪريمه ۾ هن ڳالھ جي طرف اشارو آهي ته انبياءِ ڪرامعَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي حضور ۾ بي ادبي ڪفر آهي