Book Name:Ham Q Nahi Badltay

حسد، تڪبر جهڙن باطني گناهن ۾ وڃي پوي ٿو ۽ شيطان ان جي دل تي حڪومت ڪري ٿو. (موسوعة ابن ابي دنيا، ج. 3، ص. 328، رقم؛ 103) ڊگهين اميدن جي سبب نيڪيون ڪرڻ دشوار ٿي ويندو آهي جيئن ته

نيڪي جي راهه ۾ رڪاوٽ

      حضرت سيدُنا امامِ غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛ ڊگهيون اميدون نيڪي ۽ اطاعت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن، پڻ هر فتني ۽ شر جو باعث آهن، ڊگهين اميدن ۾ مبتلا ٿي وڃڻ، هڪ مرض آهي جيڪو ماڻهن کي ٻين ڪيترن ئي مرضن ۾ مبتلا ڪندو آهي. (منھاج العابدين ،ص۱۱۸،ملخصا)

 

ایک دن مرنا ہے آخر موت  ہے                           کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

یاد رکھ ہر آن آخر  موت  ہے                بن تُو مت انجان آخر موت ہے

مرتے جاتے ہیں ہزاروں                                 آدمی    عاقل و نادان آخر موت ہے

      اي عاشقانِ رسول! ڊگهي اميد انسان کي غافل ۽ سُست بڻائي ڇڏيندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو نيڪي ڪرڻ کان پهريان ئي دل ۾ هي خيال گهر ڪري ويندو آهي ته ”اڃان ٿورڙي دير کان پوءِ ڪندس، اڃان ڪافي وقت آهي، عبادت جو موقعو ضايع ٿيڻ نه ڏيندس“ ايئن ئي سستي ڪري ٻانهو نيڪيءَ جو موقعو ضايع ڪري ڇڏيندو آهي. ڊگهي اميد انسان کي بد عملي جو شڪار ڪري ڇڏيندي آهي،  جيئن حضرت داؤد طائي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي آخرت ۾ ڏني ويندڙ سزا کان ڊڄندو آهي، اهو پري کي به ويجهو خيال ڪندو آهي، ۽ جيڪو ڊگهين اميدن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي اهو بد اعماليءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي. (منهاج العابدين ،ص۸۱) تنهنڪري اسان کي گھرجي ته ڊگھين اميدن کان ڇوٽڪاري جي لاءِ ڊگھين اميدن جي نقصانن ۽ موت کي ياد ڪرڻ جي فضيلتن تي نظر رکون، ان جي برڪت سان اسان پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ، اچو گڏجي دعا گهرون ٿا.

مرے اَشک بہتے رہیں کاش ہر دم                                                 تِرے خوف سے یا خُدا یا الٰہی

مرے دل سے دنیا کی چاہت مٹا کر                                            کر اُلفت میں اپنی فنا یا الٰہی

(وسائل بخشش مرمم،ص۱۰۵)