Book Name:Ham Q Nahi Badltay

گھڻي آهي، نيڪيون آئينده ڪري وٺنداسين، انهيءَ خيال ۾ رهندا آهن ته موت اچي ويندو آهي. (مراۃ المناجيح،۷/۹۴)

  اي عاشقانِ رسول! واقعي اها حقيقت آهي ته نفس ۽ شيطان اسان کي هن طرح ڌوڪي ۾ قابو ڪندا آهن ته اڃان توهان جوان آهيو پوڙهائپ ۾ توبه ڪري وٺجو، يا نوڪري مان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ توبه ڪري وٺجو۔ اڃان ته گھڻي عمر پئي آهي، اڃان ته راند روند جا ڏينهن آهن، اڃان دوستن سان گڏ نائٽ ڪلب (Night Club) ۾ وڃڻ جا ڏينهن آهن، اڃان عمده عمده ريسٽورنٽ/فوڊ پوائنٽ تي کائڻ جا ڏينهن آهن، اڃان گھمڻ ڦرڻ جا ڏينهن آهن۔ بعد ۾ توبه ڪري وٺجو، يا پوڙهائپ ۾ خوب نيڪيون ڪري وٺجو، اهي جملا اسان کي پنهنجو پاڻ کي بدلڻ ۽ پنهنجي اصلاح ڪرڻ ناهن ڏيندا، حالانڪ جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته اسان کي اهڙا ڪيئي نوجوان نظر ايندا، جن جون جوانيون به انهيء طرح جي خيالات ۾ گذري رهيون هيون پر زندگي انهن سان وفا نه ڪئي، اهي اوچتو موت جا شڪار ٿي ويا، موت انهن کي هن پُررونق دنيا مان کڻي اونداھي قبر ۾ پهچائي ڇڏيو۔

چل دئیے دنیا سے سب شاہ و گدا                                                 کوئی بھی دنیا میں باقی کب رہا

جیتنے دنیا سِکَندر تھا چلا                                                               جب گیا دنیا سے خالی ہاتھ تھا

لہلہاتے گھیت ہوں گے سب فنا                                                  خوش نما باغات کو ہے کب بقا؟

تو خوشی کے پھول لے گا کب تلک؟                                             تو یہاں زندہ رہے گا کب تلک؟

(وسائلِ بخشش مرمم، ص ۷۰۹)

    ياد رکو! وڏي عمر ماڻڻ جي ڊگهي اميد نمازون قضا ڪرائيندي آهي، زڪوٰة ۽ فرض حج جي ادائيگي ۾ دير ڪرائيندي آهي، هميشه سهولتن ڀري زندگي جي ڊگهي اميد ڏک، تڪليف ۽ مشقت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي.، ڊگهيون اميدون ئي بلند ۽ بالا عمارتون تعمير ڪرڻ تي اڀرينديون آهن. ڊگهيون اميدون انسان جي دل ۾ مال ۽ دولت جي هَوَس پيدا ڪنديون آهن، ڊگهيون اميدون ئي انسان جي دل مان قيامت جي ڏينهن بارگاههِ الٰهي ۾ پنهنجي هر عمل جي جواب ڏيڻ جو ڊپ ۽ بري خاتمي جو خوف ڪڍنديون آهن، انسان ڊگهي اميدن ۾ پئجي ئي مسلمانن سان بغض ۽ عداوت رکي ٿو، توبهه ڪرڻ جي اميد تي غيبت، چغلي،