Book Name:Ham Q Nahi Badltay

سبب بڻجندي آهي، ٭ چڱي صحبت دل ۾ خوفِ خُدا پيدا ڪندي آهي، ٭ چڱي صحبت بُري عادتن کان بچائيندي آهي، ٭ چڱي صحبت سنتن تي عمل جو جذبو بيدار ڪندي آهي، ٭ چڱي صحبت مُعاشري ۾ عزت جو سبب بڻجندي آهي، ٭ چڱي صحبت دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جي ضامن بڻجندي آهي۔

ياد رکو! چڱي صحبت اپنائڻ ۾ فائدو ئي فائدو آهي جڏهن ته بُرن جي صحبت اختيار ڪرڻ ۾ دِين ۽ دنيا جو سراسر نُقصان ئي نُقصان آهي ڇوته بُري صحبت انسان جي ايمان تائين کي برباد ڪندي آهي، جيئن

نانگ کان به خطرناڪ

  مولانا جلال الدين رُومي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيستائين ممڪن هجي بُري يار (دوست) کان پري رهو، ڇوته بُرو ساٿي بُري نانگ کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ نقصان ده آهي، ان ڪري جو خطرناڪ نانگ ته صرف جان يعني جسم کي تڪليف يا نقصان پهچائيندو آهي جڏهن ته بُرو ساٿي جان ۽ ايمان ٻنهي کي برباد ڪندو آهي۔ (گلد سته مثنوي، ص۹۴)

افسوس صد افسوس! اڄوڪي دور ۾ جان کسيندڙ، خوفناڪ ۽ زهريلي جانورن، ڪيڙن مڪوڙن ۽ وحشت ناڪ شين کان ڊڄندا آهن ۽ انهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر هلاڪت ۽ بربادي سان ڀرپور بُري صحبتن کان پيڇو ڇڏائڻ جي ڪوشش بلڪل ناهن ڪندا، ڪي ماڻهو ته اهڙا به هوندا آهن جيڪڏهن بُرن دوستن جي ڪچهري ۾ نه وڃن ته انهن کي بيقراري رهندي آهي، هاءِ! بري صحبت جي نحوست اهڙي ڇائنيل آهي جو عبادت ۾ دل ناهي لڳندي۔ اسان پنهنجن اڪثر ڪمن ۾ خوب غورو فڪر ڪرڻ ۽ پنهنجو فائدو ڏسڻ کان پوءِ ئي ڪو قدم کڻندا آهيون، پر ڪنهن سان دوستي يا صحبت اختيار ڪرڻ وقت هن ڳالھ جو ٿورو به خيال ناهيون ڪندا ته اهو اسان جي حق ۾ فائدي مند ثابت ٿيندو به يا نه۔ بهرحال ڪنهن کي دوست بنائڻ کان اڳ ۾ 112 ڀيرا غور ڪرڻ گهر جي ته ان جا عقيدا ۽ عمل ڪهڙا آهن ته جيئن بعد ۾ ڪنهن قسم جو پڇتاوو نه ٿئي،

اسان جي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: اَلْمَرْءُ عَلَى دِينِ خَلِيْلِهِ فَلْيَنْظُرْ اَحَدُكُمْ مَنْ يُخَالِطُ يعني انسان پنهنجي دوست جي