Book Name:Ham Q Nahi Badltay

نسخو”مدني انعامات “جي نالي سان عطا فرمايو آهي. ان تي عمل ڪري اسان پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جو عظيم جذبو حاصل ڪري سگهون ٿا. اهو مدني انعامات جو تحفو اسان جي بزرگن جي ياد کي تازو ڪري ٿو. ان جي ذريعي اسان خود احتسابي ڪري پنهنجي اصلاح جو جذبو حاصل ڪري سگهون ٿا، اڪيلائيءَ ۾ مدني انعامات جي رسالي کي کولي ان ۾ شامل سوال جي جواب ۾ پاڻ ئي ”ها“  يا ”نه“ جي ذريعي پنهنجي عملن جو جائزو وٺي سگهو ٿا. ڄڻ اهي مدني انعامات اسان کي روزانو پنهنجي ئي لڳايل خود احتسابيءَ جي عدالت ۾ حاضر ڪري اسان کي پنهنجي ئي ضمير کان فيصلو ڪرائيندي ۽ اسان جي اصلاح جو سامان مهيا ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. اهي مدني انعامات جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا ۽ جهنم کان بچائڻ وارن عملن جو مجموعو آهن۔ بُزرگانِ دين به خود اِحتسابي ڪندا هئا ۽ درجات جي بلندي جو اهتمام ڪندا هئا۔ (جنت کی تياري ،۴۰)

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’مدني انعامات‘‘

      تنهنڪري پنهنجي عملن جو محاسبو ڪرڻ جي عادت بنائڻ، نيڪيون ڪرڻ، گناهن کان بچڻ ۽ پنهنجي اصلاح جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ پنهنجي مصروفيات مان ڪجھ نه ڪجھ وقت ڪڍي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي مان مراد جتي اسان رهندا آهيون، اتي جي قريبي مسجد يا جيڪڏهن قريب ڪا مسجد نه هجي ته ڪنهن مخصوص مقام تي ٿيڻ وارن مختلف مدني ڪمن مثال طور صداءِ مدينه، مسجد درس، مدرسة المدينه بالغان وغيره ۾ ضرور شرڪت جي سعادت حاصل ڪيو، اسان دنياوي طور تي جنهن به شعبي سان وابسته هجون، جيتري به ڪاروباري مصروفيت هجي، عام طور تي نماز جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي سگهون ٿا، صداءِ مدينه لڳائي سگهون ٿا(يعني ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ) جي سعادت حاصل ڪري سگهون ٿا، بعد نمازِ فجر مدني حلقي ۽ مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪري فيضانِ قرآن سان مالا مال ٿي سگهون ٿا. ذيلي حلقن جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني اِنعَامات“ جي مُطابِق روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ جو پنهنجي ذِمَّه دار کي مَدَني انعامات جو رِسالو جمع ڪرائڻ به آهي۔