Book Name:Ham Q Nahi Badltay

دِين تي هوندو آهي ان کي هي ڏسڻ گھرجي ته ڪنهن سان دوستي ڪري ٿو۔ (مُسند احمد، ۳/ ۱۶۸ ،حديث:۸۰۳۴)

اي عاشقانِ رسول! اسان کي گھرجي ته نيڪ ۽ سلجھيل ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريون، ڇوته مشهور چوڻي آهي ته جيڪڏهن تِر کي گلاب جي گلن ۾ رکيو وڃي ته ان جي صُحبت ۾ رَهي اهو به گلابي ٿي ويندو آهي، اهڙي طرح عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي عاشقانِ رسول جي صُحبت ۾ رهڻ وارو، الله پاڪ ۽ نبي ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مهرباني سان بي مُلھ پٿر به ”انمول هيرو“ بڻجي خُوب جڳمڳائيندو آهي۔

اصلاح ِاُمّت ۽ دعوتِ اسلامي جو ڪردار

اَميرِاهلسنّت، حضرت علّامه مولانا محمد الياس عطّارقادِرِي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ماڻهن جي اصلاح ڏانهن خصوصي ڌيان ڏيندي دعوت اسلامي جو بنياد رکيو ۽ پاڻ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ مُعاشري جي اِصلاح جي لاءِ پاڻ قافلن ۾ سفر ڪري ان جي اهميت (Importance) ۽ ضرورت کي اُجاگر ڪيو ۽ هن نيڪ ڪم کي خُوش اُسلوبي سان انجام ڏيڻ جي لاءِ اهڙا هزارين مُبلغ تيار ڪيا جيڪي غير مسلمن کي ايمان جي دعوت ڏيڻ، فاسقن کي متقي بنائڻ، غافِلن کي خوابِ غفلت مان جاڳائڻ، جهالت جي اونداھين جو خاتمو ڪري عِلم ۽ مَعرِفَت جو نور ڦهلائڻ ۾ مصروف آهن ۽ مسلمانن کي اهو مدني مقصد اپنائڻ جي ترغيب ڏياري رهيا آهن ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔“ پاڻ دعوتِ اسلامي کي پنهنجي ذات تائين محدود نه رکيو بلڪ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو، مدني ڪمن جي ڌُن رکڻ وارن، پنهنجي جان ۽ مال جي قُرباني ڏيڻ وارن مبلغن کي پنهنجي نگاھ فيض سان اهڙو نوازيو جو انهن کي مرڪزي مجلس شوريٰ جي لڙي ۾ پروئي ڇڏيو ۽ دعوتِ اسلامي جو نظام مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي حوالي ڪري ڇڏيو۔ مُعاشري کي جنهن جنهن ميدان ۾ اِصلاح جي ضرورت پيش ايندي وئي، شعبا بڻجندا ويا۔ هن سلسلي ۾ ٭ اشاعتِ علم جي لاءِ عظيمُ الشان دِيني درسگاهون، جامعاتُ المدينه (للبنين و للبنات) ۽ دِيني ۽ دُنياوي تعليم سان آراسته دارُالمدينه، ٭ حفظِ قرآن ۾ مصروف مدرسة المدينه(للبنين و للبنات)، ٭ مسجد ڀريو تحريڪ سان گڏ مسجد بڻايو تحريڪ جي لاءِ مجلس خدام المساجد والمدارس جو قِيام، ٭ اَلمَدِينَةُ العِلمِيه جهڙو