Book Name:Ham Q Nahi Badltay

نصيحتيں ،ص۵۲)

اي عاشقانِ اولياء! ٻڌو اوهان اسان جي بُزرگانِ دِين جي ويجھو غور ۽ فڪر (مُحاسبو ڪرڻ) جي ايتري قدر اهميت هئي جو نيڪ عمل ڪرڻ جي باجود به پنهنجي نفس جي مخالفت ڪندا هئا، ۽ پنهنجو پاڻ کي گناهن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ بارگاھِ الٰهي ۾ حاضري جو خوف ڏياريندا رهندا هئا، ٿورو سوچيو! جڏهن اهي الله وارا ايتري قدر اِستِقامت سان پنهنجو محاسبو ڪندا هئا ۽ آخرت جي باري ۾ غوروفڪر ڪندا هئا ته اسان گُناھگارن کي فڪرِ مدينه ڪرڻ جي ڪيتري قدر گھڻي ضرورت آهي۔ اچو! غور و فڪر جي عادت بنائڻ جي لاءِ هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

ڏينهن رات ”غور و فڪر“

      حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهَا جو معمول هو ته جڏهن رات ٿيندي هئي ۽ سڀئي ماڻهو سمهي پوندا هئا ته پنهنجي پاڻ کي چوندي هئي، اي رابعه (ٿي سگھي ٿو ته) اها تنهنجي زندگي جي آخري رات هجي، ٿي سگھي ٿو ته تو کي سڀاڻي جو سج ڏسڻ نصيب نه ٿئي، اٿ ۽ پنهنجي ربِّ ڪريم جي عبادت ڪري وٺ ته جيئن سڀاڻي قيامت ۾ تو کي ندامت (يعني شرمندگي) کي منهن نه ڏيڻو پوي، همت ڪر، سمھجانءِ نه، جاڳي پنهنجي رب جي عبادت ڪر، اهو چوڻ کان پوءِ پاڻ بيهنديون هيون ۽ صبح تائين نفل ادا ڪنديون رهنديون هيون۔ جڏهن فجر جي نماز ادا ڪنديون هيون ته پنهنجو پاڻ کي ٻيهر مخاطب ڪري چونديون هيون، اي منهنجا نفس! تو کي مبارڪ هجي جو گذريل رات تو وڏي مشقت برداش ڪئي، پر ياد رکھ! اهو ڏينهن تنهنجي زندگي جو آخري ڏينهن ٿي سگھي ٿو۔ اهو چئي وري عبادت ۾ مشغول ٿي وينديون هيون ۽ جڏهن ننڊ جو غلبو ٿيندو هو بيهي ڪري گھر ۾ هلڻ شروع ڪنديون هيون ۽ گڏوگڏ پاڻ کي اهو چونديون هيون: رابعه! اها به ڪا ننڊ آهي، ان جو ڪهڙو لطف؟ ان کي ڇڏي ڏي ۽ قبر ۾ مزي سان ڊگھي مدت جي لاءِ سمهي رهجان، اڄ ته توکي گھڻي ننڊ نه آئي پر ايندڙ رات ۾ ننڊ خوب ايندي، همت ڪر ۽ پنهنجي ربِّ ڪريم کي راضي ڪري وٺ۔ اهڙي طرح ڪندي پاڻ پنجاھ سال گذاري ڇڏيا، پاڻ نه ڪڏهن بستر تي ستيون ۽ نه ئي ڪڏهن وهاڻو مٿي تي رکيو ايستائين جو پاڻ انتقال ڪري ويون۔ (حڪايات الصالحين،ص ۳۹)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيڻ