Book Name:Ham Q Nahi Badltay

سان گڏ ويهڻ ۾ حرج ناهي. ٭ حضرت مالڪ بن دِينار رَحْمَة الله عَلَيه جن فرمايو: جنهن ڀاءُ يا ساٿي جي صحبت توهان کي دِيني فائدو نه پهچائي توهان ان جي صُحبت کان بچو ته جيئن توهان محفوظ ۽ سلامت رهو۔ (ڪشف المحجوب ، باب الصحبة ومايتعلق بها ، ص۳۷۴) ٭ دعوتِ اسلامي جو بهترين ماحول عبادات ۽ معاملن جي نگهباني ۽ سُنّتن جي حفاظت جو جذبو کڻي مديني ڏانهن هلندو پيو وڃي، لهٰذا دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ۽ نيڪ ماحول سان وابسته ٿيڻ سعادتِ دارين آهي۔ (اچھے ماحول ڪي برڪتيں،ص۲۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ”قيامت جون نشانيون“‏ جنهن ۾ اسان قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ قِيامت جي ڪجھ نشانين جي باري ۾ ٻڌنداسين۔ پڻ اسان کي انهن نشانين کي ڏسي ڇا ڪرڻ گھرجي هن باري ۾ به ڪجھ ڳالهيون بيان ڪيون وينديون۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:  اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد