Book Name:Ham Q Nahi Badltay

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا آخرت جي کِيتي آهي، انسان هن دنيا ۾ جيڪو پوکيندو اهو ئي آخرت ۾ لُڻندو، ڇوته قيامت جو ڏينهن نيڪين جي جزا ۽ گناهن جي سزا ملڻ جو ڏينهن آهي پر افسوس! اهو سڀ ڪجھ خبر هئڻ جي باوجود اسان عبادتِ خداوندي کان پري ۽ ٻين ٻانهن جي حقن جي ادائيگي کان بي پرواھ ٿي ڪوڙ، غيبت، چغلي، ڌوڪو، دنيا جي محبت ۾ بد مست ۽ آخرت جي تياري کان غافل آهيون ۽ پنهنجو پاڻ کي بدلڻ جي ڪوشش نٿا ڪيون، هونئن ته انسان جي اصلاح ۾ کوڙ ساريون شيون رڪاوٽ  هونديون آهن، پر اڄ جي بيان ۾ (3) اهم سبب (1) ڊگھيون اميدون (2) خود اِحتسابي (محاسَبه نفس) جو نه هئڻ  يعني پنهنجي عملن جو جائزو نه وٺڻ ۽ (3) بُري