Book Name:Ham Q Nahi Badltay

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ٻيو سبب خود احتسابي جو نه هجڻ  

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اصلاح ۾ رڪاوٽ ۽ اسان جي نه بدلجڻ جو ٻيو اهم ترين سبب خود احتسابي (پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ جي سوچ) جو نه هئڻ به آهي، ڇوته اسان پنهنجي عملن جو احتساب نٿا ڪيون، ياد رکو! خود احتسابي جو نه هئڻ انسان کي پنهنجي آخرت کان غافل ڪندو آهي، خود احتسابي جو نه هئڻ انسان کي نيڪ عملن کان پري ڪندو آهي، جيڪو انسان پنهنجو محاسبو ڪندو آهي، پنهنجي عملن جو جائزو وٺندو رهندو آهي، اهو نيڪين جو حريص بڻجي ويندو آهي، ۽ گناهن کان هردم بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، موت جو تصور هر دم ان جي اکين ۾ رهندو آهي ۽ خوفِ خُدا ان جي دل ۾ رچي ويندو آهي، اهو ئي سبب هو جو اسان جا بزرگان ِدين روزانو پنهنجو محاسبو ڪندا هئا، پنهنجي عملن جو جائزو وٺندا رهندا ۽ خوفِ خُدا کان لرزندا رهندا هئا، جيئن

نفس جو محاسبو ڪرڻ وارو خوش نصيب

      دعوتِ اسلامي جي مڪتبة المدينه جي ڪتاب ’’حڪايتيں اورنصيحتيں‘‘ جي صفحي 52 تي آهي: حضرتِ سيدُنا ابوبڪر ڪتَّانِي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ شخص برائين ۽ خطائن تي پنهنجي نفس جو محاسبو ڪندو هو۔ هڪ ڏينهن ان پنهنجي زندگي جي سالن جو حساب لڳايو ته سٺ (60) سال ٿيا، پوءِ ڏينهن جو حساب ڪيو ته ايڪيھ هزار پنج سو (21500) ڏينهن بڻيا ته ان هڪ زوردار رڙ ڪئي ۽ بي هوش ٿي ڪري پيو، جڏهن هوش ۾ آيو ته چوڻ لڳو: هاءِ افسوس! جيڪڏهن روزانو هڪ گناھ به ڪيو ته پنهنجي ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ ايڪيھ هزار پنج سو (21500) گناھ کڻي حاضر ٿيندس ته انهن گناهن جو ڪهڙو حال هوندو جن جو شمار ئي ناهي؟ هاءِ افسوس! مون پنهنجي دنيا آباد ڪئي ۽ آخرت برباد ڪئي ۽ پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪندو رهيس، مان دنيا ۾ ته آبادي کان بربادي جي طرف منتقل ٿيڻ پسند نٿو ڪريان ته بروزِ قيامت بنا ثواب ۽ عمل جي حساب ڪتاب ڪيئن ڏيندس؟ ۽ عذاب کي منهن ڪيئن ڏيندس؟ پوءِ ان هڪ زوردار رڙ ڪئي ۽ زمين تي ڪِري پيو، جڏهن ان کي لوڏيو ويو ته ان جو روح پرواز ٿي چڪو هو۔ (حڪايتيں اور