Book Name:Ham Q Nahi Badltay

ٻارن سميت ڪيئي ماڻهو بيهوش ٿي ويا، تحقيق ڪرڻ تي خبر پئي ته هي نوجوان محنت مزدوري ڪرڻ جي لاءِ ان علائقي ۾ آيل هو، ڪرائي جي جڳهه ۾ رهندو هو ۽ ڪجھ جوارين سان ان جي دوستي هئي، هڪ ڏينهن هي نوجوان پنهنجي دوستن کان جوا ۾ تمام گھڻي رقم کٽي ويو، هاريل جواري دوستن هارايل رقم ان کان ڦرڻ جي لاءِ هن جي ڳچي ۾ رسو وجھي ۽ بجلي جا ڪرنٽ هڻي ڪري ان کي ماري وڌو، پوءِ ان کي بنا ڪفن دفن جي تالو لڳائي فرار ٿي ويا۔ (نيڪي جي دعوت ، ص۲۹۰)

جہاں میں ہیں عبرت کے ہر سونمونے                                           مگر تجھ کو اندھا کیا رنگ و بو نے

کبھی غور سے بھی یہ دیکھا ہے تو نے                                                جو آباد تھے وہ مکاں اب ہیں سُونے

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                                                        یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

ملے خاک میں اہلِ شاں کیسے کیسے                                                  مکیں ہوگئے لامکاں کیسے کیسے

ہوئے نامور بے نشاں کیسے کیسے                                                     زمیں کھاگئی نوجواں کیسے کیسے

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                                                        یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

چڱي صحبت جون برڪتون

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته بُرن دوستن جي صحبت دنيا ۽ آخرت جي لاءِ ڪيتري قدر نقصان ده هوندي آهي۔ برن دوستن جي صحبت جان کسجڻ جو سبب بڻجندي آهي، برن دوستن جي صحبت ذلت ۽ رسوائي جو سبب بڻجندي آهي، برن دوستن جي صحبت عبر تناڪ موت جو سبب بڻجندي آهي، تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته اسان بُرن ماڻهن جي صحبت ڇڏي ديندار ۽ متقي ماڻهن جي صحبت (Company) اختيار ڪريون، ڇوته اَلصُّحْبَةُ مُؤَثِّرَۃ يعني صحبت پنهنجو اثر (Effect) رکي ٿي۔ جنهن خوش نصيب کي چڱي صحبت نصيب ٿي وڃي ته ان جا ڀاڳ کلي پوندا آهن، ڇوته ٭ چڱي صحبت جي برڪت سان سٺيون عادتون پيدا ٿين ٿيون۔ ٭ چڱي صحبت نمازي بڻائيندي آهي٭چڱي صحبت تلاوت قرآن جو شوق ڏياريندي آهي. ٭ چڱي صحبت جي برڪت سان علمِ دين سکڻ جو جذبو ملندو آهي. ٭  چڱي صحبت سان نيڪين ۾ آساني نصيب ٿيندي آهي، ٭ چڱي صحبت فڪرِآخرت جو