Book Name:Ham Q Nahi Badltay

صحبت جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون ۽ آخر ۾ پنهنجي اصلاح جو طريقو ۽ اصلاحِ اُمّت ۾ دعوتِ اسلامي جي ڪردار جي باري ۾ به ٻُڌنداسين، اي ڪاش جو اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

      اچو! سڀ کان پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

ڊگھي اميد جي خاتمي جو انعام

 بَصره جي بادشاهه بادشاهي کي ڇڏي زُهد ۽ تقوٰي واري راهه اختيار ڪئي، پر ٻيهر سلطنت ۽ حڪومت ڏانهن مائل ٿيو، عيش ۽ عشرت ۾ باقي زندگي گذارڻ جو ارادو ڪيو. ان هڪ شاندار محل ٺهرايو، جنهن ۾ اعلٰي قسم جون قالينون وڇرايون ۽ هر طرح جي ساز ۽ سامان سان ان عظيمُ الشّان محل کي سينگاريو ۽ هڪ ڪمرو مهمانن جي لاءِ خاص ڪري ڇڏيو، اتي عمده بستر وڇايا ويندا هئا، مختلف قسمن جا کاڌا گھرايا ويندا هئا. اهو بادشاهه ماڻهن کي گهرائيندو هو، عظيمُ الشّان محل ۽ بادشاهه جي شان ۽ شوڪت ڏسي ماڻهو تمام گهڻي تعريف ۽ خوشامد ڪندا هئا. هي سلسلو ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو، بادشاهه دنيا جي رنگينين ۾ مصروف ٿي چڪو هو، ان جي هن عظيمُ الشّان محل ۾ هر طرح جا موسيقي جا اوزار ۽ عيش ۽ عشرت جو سامان موجود هو. اهو هر وقت دنياوي ڳالهين ۾ مگن رهندو هو. انهن مشغلن بادشاھ کي ڊگهين اميدن جي تباهه ڪار باطني بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن ان پنهنجي خاص وزيرن، مُشيرن ۽ عزيزن کي گهرائي چيو؛ توهان هن عظيمُ الشّان محل ۾ منهنجون خوشيون ڏسي رهيا آهيو، ڏسو! آئون هتي ڪيترو سڪون ۾ آهيان، آئون چاهيان ٿو ته پنهنجي پُٽن جي لاءِ به اهڙو ئي عظيمُ الشّان محلّ ٺهرايان، توهان ڪجهه ڏينهن مون وٽ ترسو، خوب عيش ڪريو ۽ وڌيڪ محلّ ٺهڻ جي باري ۾ فائديمند مشوره ڏيو، ته جيئن آئون پنهنجي پُٽن جي لاءِ بهترين محلّ ٺهرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان. پوءِ اهي ماڻهو ان وٽ رهڻ لڳا، هڪ رات بادشاهه سميت سڀ ماڻهو راند روند ۾ مشغول هئا ته محل ۾ ڪنهن پاسي کان هڪ غيبي آواز سڀني کي ڏڪائي ڇڏيو، ڪير چوڻ وارو چئي رهيو هو:

”اي پنهنجي موت کي وساري عمارت ٺهرائڻ وارا! ڊگهيون ڊگهيون اميدون ڇڏي ڏي، ڇو ته موت لکجي چڪو آهي. ماڻهو چاهي پاڻ کلن يا ٻين کي کلائن، بهرحال موت ان جي لاءِ لکيو ويو آهي ۽ تمام وڌيڪ اميد رکڻ واري جي سامهون تيار بيٺو آهي. اهڙا محل هرگز نه ٺهراء، جنهن ۾ تون کي رهڻو ئي