Book Name:Ham Q Nahi Badltay

چڱي صحبت جا مدني گل

        پهريان 2 فرمانِ مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: اَلْمَرْءُ مَعَ مَنْ اَحَبَّ يعني انسان ان سان گڏ هوندو جنهن سان هو محبت ڪري۔ (صحيح مسلم، ڪتاب البر۔۔۔الخ، باب المرء مع من احب،ص ۱۰۸۸،حديث:۶۷۱۸) (2) فرمايائون: ’’اَلْمَرْءُ عَليٰ دِينِ خَلِيلِه فَلْينْظُرْ اَحَدُکمْ مَنْ يخَالِلُ‘‘ يعني انسان پنهنجي دوست جي دِين ۽ ان جي طور طريقي تي هوندو آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته توهان ڏسو ته ڪنهن سان دوستي رکو ٿا۔ (المسند لامام احمد بن حنبل، مسند ابي هريرة،۳/۲۳۳، حديث: ۸۴۲۵) ٭ چـڱي ۽ بُري ساٿي جي مثال مُشڪ کڻڻ ۽ بٺي دکائڻ واري جيان آهي، مشڪ کڻڻ وارو توکي تحفو ڏيندو يا تون ان کي خريد ڪندي يا توکي ان مان چڱي خوشبو ايندي، جڏهن ته بٺي دکائڻ وارو يا تنهنجا ڪپڙا ساڙيندو يا توکي ان مان ناپسند خوشبو ايندي. (صحيح مسلم، ڪتاب البروالصلة، باب استحباب مجالسة...الخ، ص ۱۰۸۴،حديث:۶۶۹۲۔) ٭ حديث شريف ۾ فرمايو ويو: وڏن جي صحبت ۾ ويهو ۽ عالمن کان ڳالهيون پڇا ڪريو ۽ دانائن سان ميل جول رکو۔ (المعجم الڪبير،۲۲/۱۲۵، حديث:۳۲۴) ٭ سٺو ساٿي اهو آهي جو ان کي ڏسڻ سان توهان کي خدا ياد اچي، ان جي گفتگو (Conversation) سان توهان جي عمل ۾ زيادتي ٿئي ۽ ان جو عمل توهان کي آخرت جي ياد ڏياري۔ (الجامع الصغير، حرف الخاء، ص۲۴۷، حديث:۴۰۶۳) ٭ چڱي دوست جي همنشيني نه صرف دنيا ۾ فائديمند هوندي آهي بلڪه قبر ۾ به نيڪوڪار جي صحبت فائدو پهچائيندي آهي۔ (اچھے ماحول ڪي برڪتيں،ص) ٭ حضرت سيدنا عمر فاروق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: اهڙي شيءِ ۾ نه پئو جيڪا توهان جي لاءِ فائديمند نه هجي ۽ دشمن کان الڳ رهو ۽ دوست کان بچندا رهو، پر جڏهن اهو امين هجي ته امين جي برابر ڪو همنشين ناهي ۽ امين اهو ئي آهي جيڪو الله کان ڊڄي ۽ فاجر سان نه رهو جو اهو توهان کي بدڪاري سيکاريندو ۽ ان جي سامهون راز جي ڳالھ نه چئو، ۽ پنهنجي ڪم ۾ ان کان مشورو وٺو جيڪو الله کان ڊڄندو هجي. ٭ حضرت سيدنا سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمايو: شرير ماڻهن سان ڀلائي جي اميد رکڻ تعجب جهڙي ڳالھ آهي. ٭ سيدنا عبدالواحد بن زيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ديندار ماڻهن سان ويهندا ڪريو جيڪڏهن انهن جي صحبت ميسر نه هجي ته سٺن اخلاق وارن جي مجلس اختيار ڪريو ڇوجو اهي پنهنجن مجلسن ۾ فحش گوئي ناهن ڪندا. ٭ امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ وارن وٽ نه ويهو، ها! دين ۽ صراطِ مستقيم جي دعوت ڏيڻ جي خاطر انهن