Book Name:Ham Q Nahi Badltay

علمي ۽ تحقيقي شعبو، ٭ مڪتبة المدينه جهڙو اهلِ سُنّت جو بهترين اِشاعتي ادارو، ٭ مُعاشري جي مختلف طبقن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي مضمونن تي مشتمل ماهوار فيضان ِ مدينه ٭ ماڻهن جي روز مرّه بابت پيش ايندڙ مسئلن جي شرعي حل جي لاءِ دارُالافتاء اهلسنّت جو قيام سرِفهرست آهي۔ جڏهن ته ميڊيا جي هن دَور ۾ عالَمِ اسلام جو 100فيصد گناهن کان پاڪ اسلامي چينل ”مدني چينل“ ته گھر گھر پهچي هن انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪري رهيو آهي جو ان کي هڪ سيڪنڊ ڏسڻ وارو به ان جي برڪتن سان محروم ناهي رهندو، چاهي اهو ٻار هجي يا وڏو، مرد هجي يا عورت، ڄڻ ته هر هڪ مدني چينل جي برڪتن سان علمِ دِين حاصل ڪري رهيو آهي۔

      جيڪڏهن اوهان به بُري عادتن کان پيڇو ڇڏائي پنهنجي اصلاح ڪرڻ چاهيو ٿا ته هٿو هٿ هن مَدَني ماحول سان وابسته ٿي عملي طور تي دعوتِ اسلامي وارا بڻجي وڃو ۽ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۽ هر هفتي نماز عشاء کان پوءِ ٿيندڙ مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي عادت ۽ عاشقانِ رسول سان گڏ قافلن ۾ سُنَّتن جي تَربِيت جي لاءِ راھ خدا ۾ سفر اِختِيار ڪرڻ جو پنهنجو معمول بڻائي وٺو، هنن مدني ڪمن ۾ مُستقل مزاجي(Persistence) سان گڏ شرڪت ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اِستقامت سان گڏ الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت وڌيڪ پيدا ٿيندي، پياري صحابه ۽ اولياء جو مُبارڪ فيضان جاري ۽ ساري ٿي ويندو، گناهن کان دِل بيزار ٿيندي ۽ فِڪرِ آخِرت سان گڏ سُنَّتن جي مُطابِق زِندگي گذارڻ جو به ذِهن بڻجندو۔ اِنْ شَآءَالله

ہمیں عالِموں اور بُزرگوں کے آداب                      سِکھاتا ہے ہر دَم سَدا مَدَنی ماحول

یہاں سُنّتیں سیکھنے کو مِلیں گی                                 دِلائے گا خَوفِ خُدا مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش مرمم، ص:۶۴۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي چڱي صحبت جي حوالي سان ڪجھ نڪتا بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔