Book Name:Ham Q Nahi Badltay

ٻَڌي ڪري زندگي جا قيمتي لمحا ضايع ڪرڻ،  ڊگهي اميد چورائيندو آهي. (فيض القدير،حرف الھمزۃ،۱/۲۷۷، حديث :۲۹۴)

      ياد رکو! ڊگھي اميد شيطان جو هڪ هٿيار آهي، تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي ته (شيطان مردود) ڊگھي عرصي تائين زندھ رهڻ جي سوچ انسان جي دل، دماغ ۾ ويهاري موت کان غافل رکي ٿو، ايستائين جو انهيء آس اميد تي جيئندي ئي اوچتو اهو وقت اچي ويندو آهي جو موت پنهنجي دردناڪ پڪڙ ۾ جڪڙي وٺندوآهي پوءِ هاڻي پچتائڻ ڪهڙي ڪم جو جڏهن جهرڪيون چڳي ويون کيت، آخرڪار پنهنجي ڪيل عملن جي انجام کي منهن ڏيڻو پوندو آهي۔ (صراط الجنان، ۳/۳۱۱ملخصاً)

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄڪلھ ماڻهن جي اڪثريت موت کي وساري دنيا جي ڊگھي اميدن ۾ گم آهي جنهن جي ڪري ڪٿي چوري جو گناھ ڪيو پيو وڃي ته ڪٿي لٽ مار، ڪٿي گاني باجي جا پروگرام(Functions) آهن ته ڪٿي ڊانس پارٽي جي تقريب، ڪٿي تڪبر ۽ غرور آهي ته ڪٿي حسد ۽ عناد، ڪٿي بغض ۽ ڪينو آهي ته ڪٿي ذاتي دشمني، ڪٿي ڪاروباري مال تي جھيڙو آهي ته ڪٿي وراثت جي تقسيم تي بحث ۽ مباحثو، ڪٿي خريد ۽ فروخت جي معاملي ۾ ڌوڪو فريب آهي ته ڪٿي کاڌي پيتي جي شين ۾ملاوٽ جو بازارگرم، ڪٿي نماز جي ادائيگي ۾ لاپرواهي آهي ته ڪٿي ٻانهن جي حقوق (Rights) جي پاسداري ناهي، نه علمِ دين جو ذهن آهي ۽ نه حلال ۽ حرام جي تميز مطلب ته موت کان غفلت، ڊگھي اميد ۽ دنيا جي محبت اسان کي بدلجڻ ناهي ڏيندي، اسان کي پنهنجي اصلاح ناهي ڪرڻ ڏيندي، اسان جي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ٿيڻ ناهي ڏيندي، ڇوته ڊگھيون اميدون گُناهن جي جڙ ۽ انسان جي تباهي ۽ بربادي جو هڪ سبب آهن،

  نبيِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ عاليشان آهي؛ اَوَّلُ فَسَادِهَا اَلْبُخْلُ وَالاَمَلُ يعني هن امت جو پهريون فساد بخل ۽ ڊگهي اميد آهي. (مشڪاۃ المصابيح،باب الامل و الحرص،الفصل الثالث،۲/۲۶۰،حديث: ۵۲۸۱)

حڪيم الامت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث جي حوالي سان فرمائن ٿا؛ يعني مسلمان جو پهريون گناهه، جيڪو ٻين گناهن جو سبب آهي اهي هي ٻه (2) شيون آهن؛ (1) بخل جڙ آهي خون ريزي ۽ فساد جي (2) ڊگهيون اميدون جڙ آهن، غفلت ۽ گناهن جي. انسان پوڙهائپ ۾ به هي سوچيندو آهي ته اڃان عمر