Book Name:Khush Qismat Kon

وَ مَنْ یُّطِعِ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ یُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاؕ-وَ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِیْمُ(۱۳) (پ۴،النساء:۱۳)                

تَرجمو ڪنز الايمان: ۽ جيڪو حڪم مڃي الله ۽ الله جي رسول جو الله ان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون جاري آهن، هميشه ان ۾ رهندا ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي،

      هڪ ٻي هنڌ تي فرمانِ خداوندي آهي:

فَمَنْ زُحْزِحَ عَنِ النَّارِ وَ اُدْخِلَ الْجَنَّةَ فَقَدْ فَازَؕ-        (پ۴،آل عمران:۱۸۵)                                                     

ترجمو ڪنز الايمان: جيڪو باهه کان بچائي بهشت ۾ داخل ڪيو ويو سو مراد کي پهتو.

   هن آيت سڳوري تحت تفسير صِراطُ الجِنَان ۾ آهي: معلوم ٿيو ته قيامت ۾ حقيقي ڪاميابي اها آهي ته ٻانهي کي جهنم کان نجات ڏئي جنت ۾ داخل ڪيو وڃي، جڏهن ته دنيا ۾ ڪاميابي في نَفسِهٖ ڪاميابي ته آهي پر جيڪڏهن اها ڪاميابي آخرت ۾ نقصان پهچائڻ واري آهي ته حقيقت ۾ اهو نقصان آهي ۽ خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي ڪاميابي جي لاءِ سڀ ڪجھ ڪن ۽ آخرت جي ڪاميابي جي لاءِ ڪجھ نه ڪن اهي ته يقيناً نقصان ئي ۾ آهن۔ لهٰذا هر مسلمان کي گھرجي ته هو اهڙن عملن ڏانهن گھڻو ڌيان ڏي ۽ انهن جي لاءِ گھڻي ڪوشش ڪري جن سان ان کي حقيقي ڪاميابي نصيب ٿي سگھي ٿي ۽ ان عملن کان بچي جيڪي ان جي حقيقي ڪاميابي جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگھن ٿا۔ (تفسيرصراطُ الجنان،پ۴، آل عمران،الآية:۱۸۵، ۲/۱۱۲ )

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي صحيح معني ۾ خوش قسمت اهو ئي آهي جيڪو جهنم کان بچي وڃي۔ حقيقي خوش قسمت اهو ئي آهي جيڪو جنت جي عاليشان باغن ۾ پهچي وڃي، حقيقي خوش نصيب اهو ئي آهي جيڪو پنهنجو ايمان دنيا کان سلامت کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي۔ سوچيو ته سهي