Book Name:Khush Qismat Kon

آهي۔ ته ڪو چوي ٿو جيڪو ٻاهرين ملڪ رهي ٿو اهو وڏو خوش قسمت آهي۔ اَلغَرَض! جيترا منهن ايتريون ڳالهيون، هر هڪ وٽ خوش قسمتي جو معيار جُدا آهي، اڄ اسان قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جن ماڻهن کي اسان خوش قسمت سمجھون ٿا، ڇا اهي ئي ماڻهو خوش قسمت آهن يا حقيقت ڪجھ ٻي آهي؟ اي ڪاش جو اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

      اچو! "خوش قسمت ڪير" بابت هڪ حديثِ مُبارڪه ٻڌون ٿا:

مال ۽ دولت ۽ اولاد جي حقيقت

      هڪ ڏينهن نبي ڪريم، رؤف ورحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي فرمايائون: ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان جي ۽ توهان جي اهل وعيال (Family)، مال ۽ عملن جو مثال ڪهڙو آهي؟ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: اَللہُ وَرَسُوْلُہٗ اَعْلَم يعني الله ۽ ان جو رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻن ٿا۔ ته پياري آقا، مديني واري مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: توهان جو، توهان جي اهل وعيال، مال ۽ عملن جو مثال ان شخص جيان آهي، جنهن جا ٽي ڀائر هجن، جڏهن ان جي موت جو وقت ويجھو اچي ته هو پنهنجي ٽنهي ڀائرن کي گھرائي ۽ هڪ کي چوي: تون منهنجي حالت ڏسي رهيو آهين، اهو ٻڌاءِ ته تون منهنجي لاءِ ڇا ڪري سگھين ٿو؟ هو جواب ڏي: مان توهان جي لاءِ ايترو ڪري سگھان ٿو ته توهان جي سار سنڀار لهان، توهان سان گڏ رهي تنهنجي حاجتن ۽ ضرورتن کي پورو ڪيان، پوءِ جڏهن توهان جو انتقال ٿي وڃي ته توهان کي غسل ڏئي ڪفن پارايان ۽ ماڻهن سان گڏ ملي تنهنجو جنازو کڻان ته ڪڏهن مان ڪلهو ڏيان ۽ ڪڏهن ٻيو شخص، جڏهن (تو کي دفن ڪري) واپس اچان ته جيڪو به تنهنجي باري ۾ پڇي ان جي اڳيان تنهنجي ڀلائي ئي بيان ڪيان۔ نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: اهو ڀاءُ حقيقت ۾ ان شخص جو اهل و عيال آهي۔ اهو فرمائڻ کان پوءِ نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان پڇا ڪيائون: ان جي باري