Book Name:Khush Qismat Kon

قيامت ئي جو ڏينهن آهي، ڇوته پنهنجي انجام جي خبر ناهي، لهٰذا جڏهن محشر ۾ عمل جي مقبوليت ڏسندا ته خوش ٿيندا ائين ئي مومن جا نيڪ عمل نهايت چڱي شڪلن ۾ انهن سان گڏ هوندا، جن کي ڏسي انهن کي دلي خوشي ٿيندي۔ (صراط الجنان،۱۰/۶۴۹)

نورآنکھوں میں تو چہروں پہ اُجالے ہوں گے              مصطفےٰ والوں کے انداز نِرالے ہوں گے

جنّتی وہ ہے جنہیں اُن کی شفاعت پہ یقین                  اورجو مُنکِر ہیں وہ دوزخ کے حوالے ہوں گے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهي خوش قسمت ماڻهو ڪير آهن؟ جن جا چهرا بروزِ قيامت چنڊ جيان چمڪندا هوندا، انهن تي رحمتِ الٰهي جي برسات ٿي رهي هوندي، ماڻهو حساب ۽ ڪتاب جي سختين ۾ مبتلا هوندا ۽ اهي ماڻهو الله ڪريم جي ڇانو ۾ هوندا، انهن کي ڪنهن قسم جو نه ڪو خوف هوندو ۽ نه وري غم هوندو، اچو! ٻڌون ٿا:

روشن چهري وارا

      حضرت سيدُنا ابو ادريس خولاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حضرت سيدُنا معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَنْه کي عرض ڪيو: مان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ اوهان سان محبت ڪيان ٿو۔ حضرت سيدنا معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: توهان کي مبارڪ هجي، مون نبي بي مثال، سيده آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ارشاد فرمائيندي ٻڌو: قيامت جي ڏينهن ڪجهه ماڻهن جي لاءِ عرش جي چوڌاري ڪرسيون لڳايون وينديون، انهن جا چهرا چوڏھين جي چنڊ جيان چمڪدار هوندا، ماڻهو گھٻراهٽ (Confusion) جو شڪار هوندا جڏهن ته انهن کي ڪا پريشاني نه هوندي، ماڻهو خوفزده هوندا انهن کي ڪوئي خوف نه هوندو، هو ربِّ ڪريم جا دوست آهن جن تي نه ڪو انديشو آهي نه ڪجھ غم۔ عرض ڪيو ويو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ