Book Name:Khush Qismat Kon

جنهن خاندان جي خاطر ماڻهن جا طعنا برداشت ڪندو آهي، جنهن خاندان جي خاطر پنهنجي زندگي کي بي آرام ڪندو آهي، جنهن خاندان جي خاطر سرديءَ ۽ گرميءَ کي برداشت ڪندو آهي، جنهن خاندان جي مستقبل کي بنائڻ جي لاءِ پنهنجو مستقبل داؤ تي لڳايو ويندو آهي، اهي صرف قبرستان تائين ئي گڏ هلندا۔

      ۽ ٻيو اهو مال جنهن سان انسان وڏي محبت ڪندو آهي، اهو مال جنهن کي دنيا ۾ گھڻو سنڀالي سنڀالي رکندو آهي، اهو مال جنهن جي خاطر راتين جون ننڊون قربان ڪندو آهي، اهو مال جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حلال و حرام جي تميز وساري ڇڏيندو آهي، اهو مال جيڪو ماڻهن کي ڌوڪو ڏئي ڪمائيندو آهي، اهو مال جنهن جي خاطر گھروارن کي ڇڏي پري پري سفر ڪيو ويندو آهي، اهو مال جنهن کي گڏ ڪرڻ جا ڪيئي طريقا سوچيا ويندا آهن، اهو مال جنهن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ويسيون (ڪميٽيون) ڀريون وينديون آهن، اهو مال صرف مرڻ تائين ئي گڏ رهندو، جيئن ئي انتقال ٿيندو، سڀ مال ودولت، جائيداد (Property) وغيره گھرواري، ٻار ۽ ڀيڻ ڀائر مٽ مائٽ پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيندا۔

      ياد رکو! ٻارن ٻچن جي سٺي تربيت ۽ انهن جي حقن جي ادائيگي جي لاءِ انهن سان گڏ مشغول رهڻ ۽ پنهنجي لاءِ، پنهنجي ٻارن ٻچن جي لاءِ ۽ جن جي ڪفالت انسان تي واجب آهي، انهن جي لاءِ ضرورت موجب رزقِ حلال جي ڀڄ ڊوڙ ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، پر اولاد ۽ فيملي جي محبت ۾ مبتلا ٿي پنهنجي ربِّ ڪريم کي وساري ويهڻ، اولاد جي ڪري فخروتڪبر ڪرڻ ۽ ضرورت کان وڌيڪ ڪثرتِ مال جي جستجو جاري رکڻ نه صرف بُرو آهي بلڪ انسان جي اُخروي سعادتن کان محرومي جو سبب به آهي، جيئن

       ربّ ڪريم سيپاري 27 سُوره حديد آيت نمبر 20 ۾ ارشاد آهي: