Book Name:Khush Qismat Kon

نيڪ عملن جي برڪت سان جنّت جون لازوال نعمتون نصيب ٿينديون آهن۔ ٭ نيڪ عملن جي برڪت سان قبر ۽ حشر جي عذاب کان نجات ملندي آهي۔ ٭ نيڪ عمل گُناهن جي مغفرت جو ذريعو آهن۔ ٭ نيڪ عمل رحمتِ الٰهي جي نازل ٿيڻ جو سبب آهن۔ ٭ نيڪ عملن جو الله پاڪ دنيا ۽ آخرت ۾ سٺو بدلو عطا ڪندو آهي۔ ٭ نيڪ عمل قبر ۾ سٺي سٺي ۽ پياري شڪل اِختيار ڪري ايندا۔ ٭ نيڪ عمل قبر ۾ راحت ۽ سڪون جو سبب بڻجندا۔ ٭ نيڪ عملن جي ڪري ماڻهن ۾ انسان جي نيڪ نامي ٿيندي آهي۔ ٭ نيڪ عملن جي ڪري عمر ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ ٭ نيڪ عمل دُنيا ۽ آخرت ۾ سلامتي ۽ نجات جو سبب آهن۔ ٭ نيڪ عمل حشر تائين انسان سان گڏ رهندا۔ ٭ نيڪ عمل ميدانِ محشر جي هولناڪين کان بچائيندا۔ ٭ نيڪ عمل ميزانِ عمل تي ڪم ايندا۔ ٭ نيڪ عمل پُل صراط تي گذرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا۔ ٭ نيڪ عمل انسان جي جنت ۾ داخلي ۽ درجا بلند ٿيڻ جو ذريعو بڻجندا۔

حقيقي خوش قسمت ڪير؟

      اي عاشقانِ رسول! هاڻي پنهنجي پاڻ کان سوال ڪريو ۽ سوچيو ته حقيقت ۾ خوش قسمت ڪير آهي؟ وڏي خاندان وارو خوش قسمت آهي؟ مال ودولت جي ڪثرت وارو خوش قسمت آهي يا وري نيڪ عملن جي ڪثرت ڪري قبر ۾ وڃڻ وارو خوش قسمت آهي؟ ته هر عقلمند هن سوال جي جواب ۾ بلڪل اهو ئي چوندو ته نيڪ عمل ڪرڻ وارا ئي خوش قسمت آهن۔

      حقيقي خوش قسمت ڪير؟ حقيقي معني ۾ ڪاميابي ڪنهن کي ملندي؟ اچو! هن ڳالھ کي سمجھڻ جي لاءِ قرآنِ ڪريم جون 2 آيتون ٻڌون ٿا، جيئن الله پاڪ پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ ارشاد فرمائي ٿو: