Book Name:Khush Qismat Kon

اِعْلَمُوْۤا اَنَّمَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَا لَعِبٌ وَّ لَهْوٌ وَّ زِیْنَةٌ وَّ تَفَاخُرٌۢ بَیْنَكُمْ وَ تَكَاثُرٌ فِی الْاَمْوَالِ وَ الْاَوْلَادِؕ- (پ۲۷،الحديد:۲۰)

ترجموڪنز الايمان: يقين ڄاڻو ته دنيا جي زندگي ته فقط راند روند ئي آهي ۽ سينگار ۽ توهان جو هڪٻئي ۾ فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻي تي زيادتي جي خواهش ڪرڻ

       هن آيت سڳوري جي آخر ۾ ارشاد فرمايو ويو:

وَ مَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاۤ اِلَّا مَتَاعُ الْغُرُوْرِ(۲۰) (پ۲۷،الحديد:۲۰)           

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ دنيا جي حياتي ته نه آهي مگر ڌوڪي جو مال

       تفسيرِ صِراطُ الجِنَان ۾ آهي ته دنيا جي زندگي پاڻ ۾ فَخر ۽ غرور ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي تي زيادتي چاهڻ جو نالو آهي ۽ جڏهن دنيا جو هي حال آهي ۽ ان ۾ اهڙيون بُرائيون موجود آهن ته ان ۾ دل لڳائڻ ۽ ان جي حصول جي ڪوشش ڪندي رهڻ بدران انهن ڪمن ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي، جن سان اُخروي زندگي سَنورجي سگھي ٿي۔ (صراط الجنان،۹/۷۴۱)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! شروع ۾ بيان ڪيل حڪايت ۽ هن آيت سڳوري مان معلوم ٿيو ته خاندان، اولاد ۽ مال و دولت فقط دنيا ئي ۾ ڪم ايندا آهن، خاندان، اولاد ته صرف قبرستان تائين گڏ ويندا آهن، خاندان اولاد ۽ مال ودولت ڪفن دفن ۾ ڪم ايندا آهن جڏهن ته نيڪ عمل قبر ۾ به ڪم ايندا آهن۔ خاندان، اولاد، مال ۽ دولت ته مرڻ کان پوءِ ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن جڏهن ته نيڪ عملَ قبر ۾ به اڪيلو نٿا ڇڏين، تنهنڪري عقلمند انسان کي گھرجي ته هو مال وڌيڪ هئڻ جو حرص ڪرڻ ۽ پنهنجي اولاد تي فخروغرور ڪرڻ جي بدران نيڪ عملن ۾ اضافي جي لاءِ ڪوشش ڪندو رهي ڇوته نيڪ عملن جا تمام گھڻا فائدا آهن، مثال طور

      ٭ نيڪ عملن جي برڪت سان الله پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي۔ ٭