Book Name:Khush Qismat Kon

فَمَنْ یَّعْمَلْ مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَ هُوَ مُؤْمِنٌ فَلَا كُفْرَانَ لِسَعْیِهٖۚ-وَ اِنَّا لَهٗ كٰتِبُوْنَ(۹۴) (پ۱۷،الانبياء:۹۴)  

ترجمو: ۽ جيڪو ڪي به چڱا ڪم ڪري ۽ هجي ايمان وارو ته پوءِ ان جي ڪوشش جي بيقدري نه ٿيندي ۽ اسان ان کي لکي رهيا آهيون

هن آيت سڳوري مان معلوم ٿيو ته ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ عالي حسب نسب، مال و دولت ۽ عزت ۽ شهرت وارو خوش قسمت نه آهي بلڪ خوش قسمت اهو آهي جيڪو چاهي ڪنهن به قبيلي ۽ قوم سان تعلق رکندو هجي، گوري رنگت وارو هجي يا ڪاري رنگت وارو، دولت مند هجي يا مفلس ۽ غريب، مرد هجي يا عورت، جيڪڏهن اهو ايمان وارو آهي، نيڪ عمل ڪري ٿو ۽ ربِّ ڪريم جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ ڪوشش ڪري ٿو، اهو ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب آهي۔

مجلس مَدَني مُذاڪرھ

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو حقيقي خوش قسمت اهي ئي آهن جيڪي پنهنجي ربّ ڪريم جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪندا، رب جي حرام ڪيل شين ۽ گناهن کان بچندا آهن، لهٰذا گناهن کان بچڻ، نيڪين جو جذبو ماڻڻ، سُنّتن کي اپنائڻ ۽ ربِّ ڪريم جي نافرماني وارن ڪمن کان بچڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ خدمتِ دين جي 107 شعبن ۾ سُنّتن جون ڌُومون مچائي رهي آهي، جن مان هڪ شعبو ”مجلس مَدَني مذاڪره“ به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه! شَيخِ طريقت،اميرِاهلسُنَّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه علم بيشُمار خزانن جو مجموعو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سُوال آهي۔ جي قول کي عملي جامو پارائيندي مدني مذاڪري جو سِلسلو شُروع ڪيو جيڪو 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم به آهي، جنهن کي دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ ”مَدَني