Book Name:Khush Qismat Kon

مُذاڪره“ چيو ويندو آهي۔ عاشِقانِ رسول مَدَني مُذاڪرن ۾ عقائد و اَعمال، فضائِل و مَنَاقِب، شريعت و طريقت، تاريخ وسيرت، سائنس وطِبّ، اَخلاقيات ۽ اِسلامي معلومات، معاشي، سماجي، تنظيمي معاملن ۽ ٻين ڪافي موضوعن جي باري ۾ مختلف قسم جا سوال ڪندا آهن ۽ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه انهن کي حڪمت ڀريا ۽ عشقِ رسول سان لبريز جوابن سان نوازيندا آهن۔

”مجلس مَدَني مذاڪره“ جي تحت اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي انهن عطا ڪيل دِلچسپ ۽ عِلم وحڪمت سان ڀرپور مَدَني گلن جي خُوشبوئن سان سڄي دُنيا جي مُسلمانن کي مهڪائڻ جي لاءِ انهن مَدَني مُذاڪرن کي تحريري رِسالن، ۽ ميموري ڪارڊز (MemoryCards) جي صُورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي۔ اهو سڀ ڪجھ ۽ اميرِ اهلسنّت بابت گھڻو ڪجھ ڄاڻڻ جي لاءِ www.ilyasqadri.com وِزٽ ڪريو۔ الله پاڪ دعوتِ اسلامي جي تمام مجلسن کي برڪتون ۽ ترقيون عطا فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي حُسنِ سلوڪ بابت ڪجھ معلوماتي ڳالهيون بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔ پهريان 2 فرمانِ مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: هر حُسنِ سُلُوڪ (Politeness) صدقو آهي غني سان ڪريو يا فقير سان۔ (مجمع الزوائد ، ڪتاب الزڪوٰة ، باب ڪل معروف صدقة ، ۳/۳۳۱، حديث: ۴۷۵۴) (2) فرمايائون؛ جيڪو الله ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو ان کي گھرجي ته صِلَه رِحمي (رشتيدارن سان سٺو ورتاؤ) ڪري۔ (بخاري،۴/ ۱۳۶ ، حديث: ۶۱۳۸)

                             ٭ قرآن واحاديث ۾ اسان کي والدين، رشتيدارن، يتيمن، مسڪينن، قريبي ۽ پري جي پاڙيسرين ۽ مسافرن سان حُسنِ سُلُوڪ ۽ ڀلائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ٭ حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچڻ اسان جي پياري آقا صَلَّي اللّٰهُ عَلَيۡهِ