Book Name:Khush Qismat Kon

ماڻهو جيڪي رات جو جاڳي عبادت ڪن ٿا۔ پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان جو هڪ تعداد اهڙو آهي جيڪو راتين جو دير تائين جاڳي ڪڏهن فلمن ڊرامن ۾ پنهنجو وقت برباد ڪندو آهي ته ڪڏهن موبائل فون تي ڪال پيڪجز جي ذريعي پنهنجي قيمتي لمحات کي گناهن ۾ گذاريندو آهي، ڪڏهن سوشل ميڊيا تي سڄي سڄي رات بيهوده ۽ فضول گفتگو ڦهلائيندي پنهنجو ۽ دوستن جو وقت برباد ڪندو آهي۔ ان ۾ اڪثريت ان ماڻهن جي هوندي آهي جن کي نه نمازن جو ڪو فڪر هوندو آهي ۽ نه قرآن پڙھڻ ايندو آهي ۽ جن کي قرآن پڙھڻ به اچي ٿو ته هو به مهينن تائين قرآنِ ڪريم جي زيارت نٿا ڪن، ان کي هٿ نٿا لڳائن بلڪ پنهنجي نفس کي هن طرح ڪوڙا دلاسا ڏيندا آهن ته رمضان ۾ نمازن جي ڪثرت ڪنداسين، رمضان ۾ رات جو نفل پڙھنداسين، رمضان ۾ خوب تلاوت ڪنداسين، رمضان ۾ صبح و شام هڪ هڪ سيپارو پڙهنداسين، حالانڪ اهو ڄاڻيو ٿا ته اسان جي زِندگي جي هڪ هڪ گھڙي وڏي قيمتي آهي ۽ اسان جي زِندگي هر گھڙي تيزي سان گھٽجندي پئي وڃي، اسان موت جي ويجھو ٿيندا پيا وڃون پر اسان پوءِ به سستي جو مظاهرو ڪندا آهيون ۽ پنهنجي نفس کي ڪوڙا دلاسا ڏيندا آهيون۔

      اي عاشقانِ رسول! عقلمندي جو ثبوت ڏيندي هن فاني دُنيا جي ڌوڪي ۾ مبتلا ٿي پنهنجي قيمتي لَمحَات جي ناقَدري ڪرڻ جي بدران تَقويٰ ۽ پرهيزگاري اپنائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃڻ گھرجي، پنهنجي ڏينهن رات کي فُضُولِيات ۽ دُنيوي عَيش وعشرت ۾ برباد نه ڪريو، بلڪ نمازن جي پابندي ۽ روزانو ڪجھ نه ڪجھ تلاوتِ قرآنِ ڪريم جي عادت بڻايو ۽ الله ڪريم جن ڪمن جو حڪم ڏنو آهي انهن جي ادائيگي ۾ سُستي نه ڪريو ۽ نيڪين ۾ مشغول ٿي وڃو، ڇوته نيڪي جي ڪمن ۾ ڪوشش ڪرڻ وارن جي باري ۾ الله ڪريم سيپاري 17سُورهءِ انبياء آيت نمبر 94 ۾ ارشاد فرمائي ٿو: