Book Name:Khush Qismat Kon

سون جو محل

      مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”عُيون الحڪايات“ حصو ٻه صفحي 252 تي آهي ته حافظ مُطَهّر سَعدِي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه نهايت متقي ۽ پرهيز گار هئا، مسلسل سٺ (60) سالن تائين الله پاڪ سان ملاقات جي شوق ۾ لڙڪ وهائيندا رهيا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ رات مون پنهنجو پاڻ کي خواب ۾ هڪ اهڙي نهر جي ڪناري ڏٺو جنهن ۾ بهترين مُشڪ وهي رهيو هو۔ ان جي ٻنهي ڪنارن تي انتهائي قيمتي موتي وکريل هئا۔ پوءِ مون سون جي سرن سان ٺهيل محل ڏٺو۔ جنهن ۾ خوبصورت ڇوڪريون بهترين لباس ۽ زيورات سان سينگارجي وڏي آواز ۾ ربِّ ڪريم جي پاڪي بيان ڪري رهيون هيون، مون جڏهن انهن جي تسبيح ٻڌي ته پڇا ڪئي: توهان ڪير آهيو؟ انهن خوبصورت آواز ۾ چيو: اسان ربِّ ڪريم جي مخلوق مان هڪ مخلوق آهيون۔ مون چيو: توهان هتي ڇا پيون ڪريو؟ انهن چيو: ربِّ ڪريم اسان کي انهن ماڻهن جي لاءِ پيدا فرمايو آهي جيڪي رات جو قيام ڪن ٿا ۽ پنهنجي ربّ سان مناجات ڪن ٿا جڏهن ته ماڻهو سمهي رهيا هوندا آهن۔ مون چيو: اهي خوش قسمت ماڻهو ڪير آهن؟ جن جون اکيون ربِّ ڪريم توهان سان ٿڌيون ڪندو، انهن چيو: ڇا توهان انهن ماڻهن کي نٿا سڃاڻو؟ مون چيو نه۔ چيائون: بيشڪ هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي قرآن جي تلاوت ڪن ٿا، تهجد پڙھن ٿا ۽ ڏينهن جو روزو رکن ٿا۔ اهڙن ئي خوش نصيب عبادت گذارن جي لاءِ الله ڪريم اسان کي پيدا فرمايو آهي۔ (عيون الحڪايات،۲/۲۵۲،ملخصا)

     سُبْحٰنَ الله! ڪيترا خوش قسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي رات جي تنهائي ۾ پنهنجي ربِّ ڪريم کي ياد ڪن ٿا۔ ڪيترا خوش قسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي فرض روزن سان گڏوگڏ نفل روزا پابندي سان رکن ٿا۔ ڪيترا خوش قسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي نمازِ تهجد ادا ڪن ٿا۔ ڪيترا خوش قسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي روزانو تلاوت ِقرآن ڪن ٿا۔ ڪيترا خوش قسمت آهن اهي