Book Name:Khush Qismat Kon

گناهن جو مريض عالِم بڻجي ويو

      پنجاب، پاڪستان جو هڪ اسلامي ڀاء دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان فلمون ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ، بدنگاهي ڪرڻ، والدين جي نافرماني ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ تي هر ڪنهن کي دڙڪا ڏيڻ جھڙن گناهن جو عادي هو، هڪ ڏينهن ان جي هڪ ڪلاس فيلو اسلامي ڀاءُ ان تي اِنفرادي ڪوشش ڪندي ان کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ته هو اجتماع ۾ شريڪ ٿيو۔ جڏهن اتي جا روح پرور منظر ڏٺا ته ان جي دل کي وڏي فرحت ملي خاص ڪري اجتماع کان پوءِ اسلامي ڀائرن جي پاڻ ۾ ملاقات جي انداز ته ان کي حيران ڪري ڇڏيو ته نه پاڻ ۾ ڄاڻ سڃاڻ، نه ئي ڪا رشتيداري ان جي باوجود هڪ ٻئي کان ڪيتري پُرجوش انداز ۾ مرڪي مصافحو ۽ ڳلي ملي رهيا آهن، ان تي گھڻو اثر ٿيو ۽ هو پابندي سان هفتيوار اجتماع ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو ۽ اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان بيعت ٿي سندن جي نگاھ جي برڪت سان نه صرف گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪئي بلڪه پنهنجي والدين کان اجازت وٺي پنجاب کان ڪراچي اچي ويو ۽ دعوتِ اسلامي جي’’جامعة المدينه‘‘ ۾ داخلو وٺي علمِ دين حاصل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو ۽ عالم ڪورس(يعني درسِ نظامي) مڪمل ڪري ورتو، ان جي خوش نصيبي ڏسو اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مُبارڪ هٿن سان ان جي مٿي تي دستارِ فضيلت سجائي۔

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان خوش قسمت ڪير؟ جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، يقيناً خوش قسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي جنت جي ابدي نعمتن کي پيشِ نظر رکندي دنيا جي عارضي تڪليفن تي صبر ڪندي، رات جي تنهائين ۾ اٿي نيڪ عمل ڪن ٿا مشقتن کي برداشت ڪن ٿا۔ اهڙن خوش نصيبن کي مبارڪ هجي ته ربِّ ڪريم انهن کي کوڙ انعامن سان نوازيندو ۽ اهڙن خوش نصيبن جي لاءِ ربِّ ڪريم طرح طرح جون نعمتون تيار ڪري رکيون آهن: