Book Name:Khush Qismat Kon

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ هڪ موضوع تي اهم گفتگو ڪئي ويندي آهي ۽ اهو موضوع آهي خوش قسمت ڪير آهي؟ (Who is fortunate?) اڄ هر هڪ پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق خوش قسمتي جا ڪجھ معيار بڻائي رکيا آهن، ڪو چوي ٿو جنهن وٽ وڏي بهترين گاڏي آهي اهو وڏو خوش قسمت آهي، ڪو چوي ٿو جنهن وٽ دولت جي ڪثرت آهي اهو وڏو خوش قسمت آهي۔ ڪو چوي ٿو جنهن جو گھر وڏو خوبصورت آهي اهو وڏو خوش قسمت آهي، ڪو چوي ٿو جنهن جا وڏن وڏن ماڻهن سان رابطا آهن اهو وڏو خوش قسمت آهي ۔ڪو چوي ٿو جنهن جي هڪ ڪال تي ڪم ٿي ويندو آهي اهو وڏو خوش قسمت