Book Name:Khush Qismat Kon

جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته (Attached) ٿي وڃو، پنهنجو ڪجھ نه ڪجھ وقت ڪڍي ذيلي حلقن جي مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، هن مدني ماحول ۾ شموليت جي برڪت سان گناهن کان بچيل رهندا، آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو گڏ ٿيندو رهندو، سٺي صحبت مُيسّر ايندي ۽ سڀ کان وڌيڪ سعادت جي ڳالھ اها ته نيڪ ڪمن تي عمل جو جذبو نصيب ٿيندو۔

      اَلْحَمْدُلِلّٰه! ٭ نيڪ ڪم، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن۔ ٭ نيڪ ڪمن تي عمل ڪرڻ جي برڪت سان پاڻ ۾ محبت پيدا ٿيندي آهي۔ ٭ نيڪ ڪمن تي عمل ڪرڻ جي برڪت سان لڙائي جھيڙي ۽ دل آزاريءَ جهڙن گناهن کان بچڻ جو جذبو نصيب ٿيندو آهي۔ ٭ نيڪ ڪمن تي عمل جي برڪت سان مسلمانن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو بيدار ٿيندو آهي۔ ٭ نيڪ ڪمن تي عمل ڪرڻ جي برڪت سان فڪرِآخرت جو ذهن بڻجندو آهي۔ ٭ نيڪ ڪمن تي عمل جي برڪت سان نمازن جي پابندي ۽ ٻين نيڪ عملن جو ذوق وشوق پيدا ٿيندو آهي۔ ٭ نيڪ ڪمن تي عمل ڪرڻ وارن سان اَميرِاَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه تمام گھڻو خوش ٿيندا آهن ۽ انهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن۔ انهيءَ نيڪ ڪمن مان نيڪ ڪم نمبر 52 ۾ آهي: ڇا اوهان هن هفتي اجتماع کان فوراً بعد پاڻ اڳتي وڌي انفرادي ڪرشش ڪندي نَوَن نَوَن اسلامي ڀائرن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪري انهن جو نالو ۽ پتو ۽ فون نمبر حاصل ڪيو؟(گھٽ مان گھٽ چار سان ملاقات ۽ گھٽ مان گھٽ هڪ جو پتو وغيره ضرور وٺو پوءِ انهن سان رابطو به رکو)

      تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ اِنفرادي ڪوشش جي سعادت حاصل ڪريون ۽ پنهنجي آخرت جي بهتري جي لاءِ نيڪين جو خزانو گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃون۔ اِنفرادي ڪوشش ڪرڻ جي برڪت سان ڪهڙيون ڪهڙيون بهارون ڏسڻ ۾اچن ٿيون، اچو! هن جي باري ۾ هڪ مدني بهار ٻڌو: جيئن