Book Name:Khush Qismat Kon

اچو! پنهنجي دلين ۾ مسلمانن سان گڏ محبت وڌائڻ ۽ بغض ۽ ڪيني کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ هڪ روايت ٻڌون ٿا، جيئن

جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل

      هڪ ڀيري نبين جي تاجدار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابَهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي فرمايائون: هينئر هن واٽ تان توهان وٽ هڪ جنّتي شخص ايندو۔ ايتري ۾ هڪ انصاري صحابي آيا، انهن کي پنهنجا جوتا کاٻي هٿ ۾ رکيل هئا ۽ انهن جي ڏاڙھي مان وُضو جو پاڻي ٽمي رهيو هو، انهن حاضر ٿي سلام عرض ڪيو۔ ٻئي ڏينهن تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  وري اهو ئي ارشاد فرمايو: ته پوءِ اهي ئي ساڳيا انصاري صحابي پهريان وانگر آيا۔ ٽئين ڏينهن به ائين ئي ٿيو۔ حضرت عبدالله بن عَمرو بن العاص رَضِىَ اللهُ عَنْهما اُن صحابي جي پويان ويا ۽ اُنهن وٽ وڃي ڪنهن طريقي سان ٽي ڏينهن تائين ترسڻ جي اجازت وٺي ورتي۔ پوءِ انهن ٽي راتيون ان انصاري صحابي سان گڏ گذاريون پر انهن کي رات ۾ عبادت ڪندي نه ڏٺائون، ها! جڏهن هو پنهنجي بستر تي پاسو ڦيريندا ها ته الله پاڪ جو ذڪر ڪندا ها ايستائين جو نمازِ فجر جي لاءِ بيهي رهندا هئا۔ حضرت سيدُنا عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته مون انصاري صحابي کان چڱي ڳالھ جي علاوه ٻيو ڪجھ نه ٻڌو۔ جڏهن ٽي ڏينهن پورا ٿيا ته مون چيو: اي الله جا ٻانها! مون رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ٽي ڀيرا اهو فرمائيندي ٻڌو ته هاڻي توهان وٽ هڪ جنّتي شخص ايندو ۽ ٽئي ڀيرا اوهان ئي آيا، تڏهن ئي مون پختو ارادو ڪري ورتو ته مان اوهان جو عمل ڏسندس پر مون اوهان کي ڪو وڏو عمل ڪندي نه ڏٺو۔ ته پوءِ اوهان کي اهو رتبو ڪئين حاصل ٿيو؟ انهن جواب ڏنو: منهنجو ڪو ٻيو عمل نه آهي بس اهو ئي آهي جيڪو اوهان ڏٺو، ها هڪ ڳالھ اها ضرور آهي ته مان ڪنهن به مسلمان جي لاءِ پنهنجي دل ۾ کوٽ نٿو رکان ۽ جيڪو الله ڪنهن کي ڏنو ان تي حسد نٿو ڪيان۔