Book Name:Khush Qismat Kon

   حضرت سيدُنا عبدالله بن عَمرو رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمائن ٿا ته مون ان کي چيو: اهو ئي اهو عمل آهي جنهن اوهان کي بلنديون بخشيون ۽ اسان هن جي طاقت نٿا رکون۔ (احياء العلوم، ۳/۵۷۱ ملتقطاً)

نیکیوں میں دل لگے ہر دَم، بنا                        عامِلِ سُنَّت اے نانائے حُسین

میں گُناھوں سے سَدا بچتا رہوں                    کیجئے رَحمت اے نانائے حُسین

جُھوٹ سے بُغْض و حَسَد سے ہم بچیں             کیجئے رَحمت اے نانائے حُسین

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ ئي الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب جي حصول جي لاءِ حسد، ڪينو ۽ بغض و عداوت، جھيڙي جھٽي ۽ نفرتن کي وساري هڪ ٻئي کي ڳلي لڳي وڃڻ گھرجي، هڪ ٻئي سان معافي تلافي ڪرڻ گھرجي، ڇوته ربِّ ڪريم جي رِضا جي خاطر هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ وارن کي بروزِ قيامت تمام وڏو مقام ۽ مرتبو ملندو،

قابلِ رشڪ ماڻهو

   نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: بروزِ قيامت عرش جي چوڌاري نور جا منبر هوندا، ان تي موجود ماڻهن جا لباس ۽ چهرا نوراني هوندا، اهي نه نبي سڳورا آهن نه شهيد پر انهن تي نبي سڳورا ۽ شهيد رشڪ ڪندا۔ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! انهن جون صفتون بيان فرمايو۔ ارشاد فرمايائون: هي اهي ماڻهو آهن جيڪي الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ڪن ٿا، ان جي رِضا لاءِ گڏجي ويهن ٿا ۽ ان جي رِضا جي لاءِ هڪ ٻئي سان ملن ٿا۔ (مجمع الزوائد، ڪتاب الزھد، باب المتحابين في الله، ۱۰/۴۹۱،حديث: ۱۷۹۹۹ملتقطا)

نيڪ ڪمن جي ترغيب

      اي عاشقانِ رسول! جھيڙي جھٽن کان پيڇو ڇڏائڻ، محبتون وڌائڻ، نفرتون مٽائڻ، مسلمانن ۾ صلح صفائي جو ذهن ۽ حُسنِ اخلاق سان پيش اچڻ جو