Book Name:Khush Qismat Kon

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙهفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

       پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو: ”فيضانِ صفرالمظفر“ عام طور صفر مهيني ۾ بدشگونين جو سلسلو وڌي ويندو آهي، انهيءَ مناسبت سان بدشگونيءَ جي رد تي ڪجهه ڳالهيون بيان ڪيون وينديون. اهڙي طرح صفر مهيني ۾ ڪهڙا عظيم الشان واقعا ظاهر ٿيا اهو به بيان ڪيو ويندو. صفر مهيني جي باري ۾ اسلامي تعليمات ڪهڙي آهي؟ هن باري ۾ به ڪجهه بيان ڪيو ويندو. لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:  اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد