Book Name:Khush Qismat Kon

واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سنت آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ ۾ والدين جو مرتبو سڀ کان وڌيڪ آهي۔ (ردالمحتار ،۹ /۶۷۸ ملخصاً) ٭ حُسنِ سُلُوڪ جون مختلف صورَتون آهن، هدِيو ۽ تحفو (Gift) ڏيڻ ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ڪم ۾ مدد درڪار هجي ان ڪم ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، انهن کي سلام ڪرڻ، انهن جي ملاقات لاءِ وڃڻ، انهن وٽ ويهڻ اُٿڻ، انهن سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ، انهن سان لُطف ۽ مهرباني سان پيش اچڻ۔ (دُرَر، ۱/۳۲۳ملخصاً) ٭ حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَة الله عَلَيه فرمائن ٿا: (حُسنِ سُلُوڪ ۾ اهو به شامل آهي ته) عام مسلمانن سان ملاقات ۾ دوستي ظاهر ڪري، ٭ انهن جي رَنج و غم ۾ شريڪ رهي ٭ انهن جي دعوت ۾ شرڪت ڪري، ٭ انهن کي سٺن لقب ۽ چڱن نالن سان پڪاري، ٭ انهن کي ڀلائي سان ياد ڪري، ٭ ضرورت جي وقت سٺو مشورو ڏئي، ٭ مصيبت جي وقت انهن جي ڪم اچي، (تفسير نعيمي ،۱/۴۴۹ ملخصاً) ٭ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن فرمايائون: ياد رکو! جيڪڏهن توهان ماڻهن سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش نه آيؤ ته هو توهان جا دشمن بڻجي ويندا توڙي جو اهي توهان جا ماءُ پيءُ ئي ڇو نه هجن۔ (امام اعظم ڪي وصيتيں،ص ۲۵) ٭ حضرت سيدناامامِ اعظمرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن فرمايو: جڏهن توهان ماڻهن سان سٺو ورتاؤ ڪندؤ ته هو تنهنجي ماءُ پيءُ جيان ٿي ويندا، توڙي جو تنهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو رشتو ناطو نه هجي۔ (امام اعظم ڪي وصيتيں،ص ۲۶) ٭ اولياءالله پنهنجي برائين ڪرڻ وارن بلڪ جاني دشمن سان به حُسنِ سلوڪ ڪندا آهن۔ (غيبت ڪي تباه ڪارياں، ص۳۴۲ ماخوذاً) ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان الله پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ماڻهن جي خوشي جو سبب آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان ملائڪن کي خوشي ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان مسلمانن جي طرفان ان شخص جي تعريف ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان شيطان کي ان سان رَنج پهچندو آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان عمر وڌندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان رِزق ۾ برڪت ٿيندي آهي۔ (تَنبيه الغافِلين، ص ۷۳ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد