Book Name:Khush Qismat Kon

۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ ته عرض ڪيائون: اسان ان ۾ ڪا ڀلائي نٿا ڏسون۔ ان کان پوءِ ارشاد فرمايائون: پوءِ هو پنهنجي ٻي ڀاءُ کي چوي: توهان به منهنجي حالت ڏسي رهيا آهيو، توهان منهنجي لاءِ ڇا ڪري سگھو ٿا؟ ته هو جواب ۾ چوي: مان ان وقت تائين توهان جو ساٿ ڏيندس جيستائين توهان زنده آهيو، جيئن توهان دنيا مان موڪلائيندؤ ته اسان جون راهون جدا جدا ٿي وينديون ڇوته توهان قبر ۾ پهچي ويندؤ ۽ مان هتي دنيا ۾ رهجي ويندس۔ (نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون:) اهو ڀاءُ اصل ۾ ان شخص جو مال آهي، ان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي۔ عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان ان کي به سٺو نٿا سمجھون۔ پوءِ حضور نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشادفرمايائون: اهو شخص پنهنجي ٽئين ڀاءُ کي چوي: يقيناً توهان به منهنجي حالت ڏسي رهيا آهيو ۽ توهان منهنجي اهل و عيال ۽ مال جو جواب به ٻڌي ورتو آهي، ٻڌايو! توهان منهنجي لاءِ ڇا ڪري سگھو ٿا؟ هو ان کي تسلي ڏيندي چوي: منهنجا ڀاءُ، مان ته قبر ۾ به تون سان گڏ رهندس ۽ توهان کي وحشت کان بچائيندس ۽ جڏهن حساب جو ڏينهن ايندو ته مان تنهنجي ميزان ۾ وڃي ويهندس ۽ ان کي وزن دار ڪندس۔ (حضور نبي ڪريم، روف و رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون:) هي ان جو (نيڪ) عمل آهي، ان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهو ته تمام سٺو دوست آهي، حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: اها ئي حقيقت (Reality) آهي۔ (ڪنزالعمّال،حرف الميم، ڪتاب الموت،قسم الافعال،ذيل الموت،۸ /۳۱۸، الجزء: ۱۵، حديث:۴۲۹۷۴)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ ٻن شين کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي، هڪ خاندان، ۽ ٻيو مال و دولت۔ غور ڪريو! اڄ جنهن خاندان سبب انسان جي آڪڙ ختم ناهي ٿيندي، سٺي خاندان مان هئڻ جي ڪري فخروغرور ڪندو آهي، جنهن خاندان جي لاءِ انسان سڄي زندگي دولت ڪمائڻ جي لاءِ پنهنجي زندگي داؤ تي لڳائيندو آهي، جنهن خاندان جي لاءِ تڪليفون ۽ مصيبتون سهندو آهي،