Book Name:Khush Qismat Kon

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! خوش قسمت ڪير؟ اسان ان جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون، اڄڪلھ جهڙي طرح مال ۽ دولت وارن کي خوش قسمت سمجھيو ويندو آهي، اهڙي طرح مختلف دنياوي شين ۽ ڪريمن ۽ لوشن کان پنهنجي چهرن کي خوبصورت، تروتازه ۽ حسين و جميل رکڻ وارن کي به خوش قسمت سمجھيو ويندو آهي، پر حقيقي طور تي ته خوش قسمت اهي آهن جن جا چهرا قيامت جي ڏينهن خوبصورت هوندا، خوش قسمت ته اهي آهن جن جا چهرا بروزِ قيامت چمڪندڙ ڌمڪندڙ هوندا، خوش قسمت ته اهي آهن جن کي قيامت جي ڏينهن نور عطا ڪيو ويندو، خوش قسمت ته اهي آهن جن جي چهرن کي پري کان ڏسي ماڻهو سڃاڻي وٺندا، خوش قسمت ته اهي آهن جن جي حسين و جميل چهرن کي ڏسي جنّتي به رشڪ ڪندا، خوش قسمت ته اهي چهري وارا آهن جيڪي جنت ۾ عمده باغن ۽ عظيمُ الشَّان نعمتون ملڻ تي خوشي ملهائي رهيا هوندا، اهڙن ئي ماڻهن جي باري ۾ سيپاري 30 سُوره غَاشِيه آيت نمبر 8 کان 10 ۾ ربِّ ڪريم ارشاد فرمائي ٿو:

وُجُوْهٌ یَّوْمَىٕذٍ نَّاعِمَةٌۙ(۸) لِّسَعْیِهَا رَاضِیَةٌۙ(۹) فِیْ جَنَّةٍ عَالِیَةٍۙ(۱۰) 

ترجمو ڪنز الايمان: ڪيترائي منهن ان ڏينهن سڪون ۾ آهن. پنهنجي ڪوشش تي راضي. بلند باغ ۾.

          تفسير صراطُ الجِنان ۾ انهن آيتن جي تحت بيان آهي ته هن مان مراد اهو آهي ته قيامت ۾ پرهيز گار مومن چين ۾ هوندا، انهن کي نه سج جي گرمي ستائيندي، نه زمين جي تپش، نه انهن کي خوف ٿيندو، نه غم، نه ربِّ ڪريم جو عتاب ٿيندو، نه ملائڪن جي لعن طعن، نه قيامت جي گھٻراهٽ، ڇوته اهي حضرات دنيا ۾ ربِّ ڪريم جي خوف کان بي چين رهيا ۽ دنيا ۾ خوفِ خدا جي بي چيني قيامت جي ڏينهن چين جو ذريعو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن جڏهن مسلمان پنهنجو مرتبو ۽ ثواب ڏسندا ته اهو دنيا ۾ ڪئي ويندڙ پنهنجي نيڪ عملن تي راضي ۽ خوش ٿيندا۔ ۽ حقيقتاً نيڪين تي خوش ٿيڻ جو وقت به