Book Name:Khush Qismat Kon

واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهي ماڻهو ڪير آهن؟ ارشادفرمايائون: ھُمُ الْمُتَحَابُّوْنَ فِی اللہِ يعني الله ڪريم جي رِضا جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ڪرڻ وارا۔ (قوت القلوب،الفصل الرابع و الاربعون في ڪتاب الاخوة في الله تبارڪ و تعالي الخ،۲/۳۶۴)

      اي عاشقانِ رسول! ڪيترا خوش قسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ هڪ ٻئي سان محبت ڪن ٿا، ڪيترا خوش قسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي رڳو ربِّ ڪريم جي رضا جي لاءِ هڪ ٻئي سان ملاقات ڪن ٿا، ڪيترا خوش قسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي صرف رضاءِ الٰهي جي لاءِ ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏين ٿا، ڪيترا خوش قسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي رضاءِ الٰهي جي لاءِ ٻين کي گناهن کان بچڻ جي ترغيب ڏيارين ٿا، پر افسوس! في زمانه ٻن مسلمانن جي وچ ۾ ڳالھ ڳالھ تي جھيڙو جھٽو ۽ فساد نظر اچي رهيو آهي ٭ ڪٿي ذات ۽ قوميت تي جھيڙو ٿيندو نظر اچي ٿو ته ڪٿي تَعَصُّب جي ڪري لٺ بازي نظر اچي ٿي ٭ ڪٿي دڪاندار ۽ ڪاروباري حصّيدار پاڻ ۾ اٽڪي پيا آهن ته ڪٿي مالڪ مڪان ۽ ڪرائيدارن ۾ هاٿا پائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي۔ ٭ ڪٿي ڊاڪٽر ۽ مريض هڪ ٻئي سان بي صبري جو مظاهرو ڪندا نظر اچن ٿا ته ڪٿي ٺيڪيدار ۽ ملازم پاڻ ۾ وڙهندي نظر اچي رهيا آهن۔ ٭ ڪٿي پيءُ پٽ هڪ ٻئي سان تڪرار ڪن ٿا ته ٭ ڪٿي سس ننهن جو جھيڙو نظر اچي پيو۔ ٭ ڪٿي هڪ پاڙيسري ٻئي کي گاريون ڏيندو نظر اچي رهيو آهي ته ڪٿي هڪ دوست ٻئي جي عيبن کي کولي، غيبتون ۽ چغليون ڪندو نظر اچي رهيو آهي ٭ ڪٿي دِيني سمجھ رکڻ وارا هڪ ٻئي جي بِلاوجه شرعي مخالفت ڪندا نظر اچن ٿا ته ڪٿي نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا هڪ ٻئي جي ڳالهين کان ناراض ٿي دِين جي ڪمن ۾ سستي ڪندي نظر اچي رهيا آهن۔

      الغرض هر پاسي مسلمانن ۾ بغض ۽ ڪينو ۽ حسد وڌي ويو آهي، حالانڪ بغض، ڪينو ۽ حسد هلاڪت ۾ وجھڻ واريون باطني بيماريون آهن،