Book Name:Khush Qismat Kon

ته جيڪو خوش نصيب پنهنجو ايمان دنيا کان سلامت کڻي ويو، هاڻي شيطان کان ان کي ڪو خطرو نه آهي۔ ربّ چاهيو ته قبر ۾ به ان جي لاءِ آسانيون ٿينديون۔ ربّ چاهيو ته سڀاڻي محشر جي ڏينهن به اهو امن ۾ هوندو۔ ربّ چاهيو ته پُل صراط کان گذرڻ به ان جي لاءِ سولو ٿي ويندو۔ ربّ چاهيو ته هو جهنم کان هميشه جي لاءِ بچي جنت ۾ هليو ويندو۔ ۽ اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ٿيندو جو هو خوش نصيب پنهنجو ايمان دنيا کان سلامت کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ اسان کي گھرجي ته اسان به پنهنجي ايمان جي سلامتي جو فڪر ڪريون۔ ياد رکو! گناهن جي ڪثرت کي بُري خاتمي جي سببن مان بيان ڪيو ويو آهي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته گناهن کان بچون ۽ نيڪ عملن جي ڪثرت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ۽ اسان به خوش قسمت ماڻهن ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪريون، ڇوته ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جيڪي موت کان پهريان موت جي تياري ڪندا آهن۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن سان انهن جو ربّ راضي آهي۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن کي قبر ۾ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سڃاڻپ نصيب ٿيندي۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن کي بروزِ قيامت الله ڪريم جي رحمت نصيب ٿيندي۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن کي اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن کي قيامت جي ڏينهن حساب وڪتاب جو خوف نه ٿيندو۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن کي حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت نصيب ٿيندي۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن جون قبرون جنّتي باغ ٿينديون۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن جون قبرون نورِ مصطفٰي سان روشن ٿينديون۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن کي جنت جون نعمتون حاصل ٿينديون۔ ٭ خوش قسمت ته اهي آهن جن کي ايمان جي سلامتي نصيب ٿيندي۔ اچو! گڏجي ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ دُعا گھرون ٿا۔

مِرے دل سے دنیا کی چاہت مٹا کر                               کر اُلفت میں اپنی فنا یا الٰہی

مِرا ہر عمل بس تِرے واسطے ہو                                            کر اِخلاص ایسا عطا یا الٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد