Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

وَ الْفَجْرِۙ(۱) وَ لَیَالٍ عَشْرٍۙ(۲) (پاره،۳۰،الفجر:۱،۲)   

ترجمو ڪنزالايمان: ان صبح جو قسم، ۽ ڏهن راتين جو.

حضرت سيدنا عبدُالله بن عباس رَضِىَ اﷲُ عَنْهُما کان روايت آهي ته انهن ڏهن راتين مان مراد ذُوالحِجَّه جون پهريون ڏھ راتيون آهن ڇوته هي زمانو حج جي عملن ۾ مشغول ٿيڻ جو زمانو آهي۔ (خازن، الفجر، تحت الآية:۱،۴/۴۰۱)

اَلْحَمْدُلِلّٰه حديث سڳورين ۾ به مختلف هنڌن تي انهن ڏهن ڏينهن ۽ راتين جون فضيلتون بيان ٿيون آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ 5 فرمانِ مصطفٰي ٻڌون ٿا، جيئن

ذو الحجة جي شروعاتي ڏهن ڏينهن جي فضيلتن تي مشتمل 5 روايتون

(1)      ارشاد فرمايائون: الله ڪريم وٽ ڪو به ڏينهن عشرهءِ ذُوالحِجَّه کان وڌيڪ نه عظيم آهي ۽ نه انهن ڏينهن کان وڌيڪ ڪنهن ڏينهن جو نيڪ عمل ان کي محبوب آهي، تنهنڪري انهن ڏينهن ۾ تهليل (يعني لَاۤاِلٰه اِلَّا الله)، تڪبير (يعني اَلله اَکبَر) ۽ تحميد (يعني اَلْحَمْدُلله) جي ڪثرت ڪريو۔  (مسنداحمد،مسند عبد الله بن عمر،۲/۳۶۵، حديث: ۵۴۴۷)

(2) ارشاد فرمايائون: الله پاڪ وٽ عشرهءِ ذُوالْحِجَّه جي ڏينهن کان افضل ڪوئي ڏينهن نه آهي ۔ (ابن حبان،ڪتاب الحج،باب الوقوف بعرفة...الخ،ذڪررجاء العتق من النار...الخ،۶/۶۲، حديث:۳۸۴۲)

(3) ارشاد فرمايائون:جن ڏينهن ۾ الله پاڪ جي عبادت ڪئي ويندي آهي، انهن مان ڪوئي ڏينهن ذُوالحِجَّه جي ڏهن ڏينهن کان وڌيڪ پسنديده نه آهي، انهن مان (ڏھ ذُوالحِجَّه جي علاوه) هر ڏينهن جو روزو هڪ سال جي روزن ۽ (ڏهين ذُوالحِجَّه سميت) هر رات جو قيام لَيلَة القَدر جي قيام جي برابر آهي۔  (ترمذي،ڪتاب الصوم،باب ما جاء في العمل في ايام العشر،۲/۱۹۲،حديث:۷۵۸)

 (4) ارشاد فرمايائون: الله ڪريم جي ويجھو حج جي انهن ڏهن ڏينهن کان افضل ۽ پسنديده ڪو ڏينهن ناهي تنهنڪري انهن ڏينهن ۾ سُبْحَانَ اﷲِ،