Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

تي دعوتِ اسلامي تحت ”قرباني جي کلن“ جي لاءِ اسٽال (Stall) لڳايا ويندا آهن، جيڪڏهن اوهان کي جانور جي کل پهچائڻ جي حوالي سان ڪا دُشواري هجي ته پنهنجي عَلائقي يا قريبي ذِمه دارانِ دعوتِ اسلامي کان هڪدم رابطو ڪريو، ته جيئن قرباني جي کل بروقت محفوظ ٿي ان جو دُرست اِستعمال ٿي سگھي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سيدي قُطبِ مدينه جي سيرت جون ڪجھ جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ذُوالحِجَّة الحَرام جو مبارڪ مهينو پنهنجون بهارون لٽائي رهيو آهي۔ هن مقدس مهيني ۾ هڪ عظيم شخصيت خليفهءِ اعليٰ حضرت قُطبِ مدينه حضرت علّامه مَولانا ضياء الدّين احمد مَدَني قادري رضوي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو مبارڪ عُرس آهي۔ اچو! بَرَڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ سندن پاڪيزه سيرت جون ڪجھ جھلڪيون ملاحظه ڪريون ٿا،

نالو، نسب ۽ پيدائش!

٭ سَيدي قطبِ مدينه جو نالو ضِياءُ الدين احمد آهي، ٭ سَيدي قطبِ مدينه جو پيدائشي نالو ”احمد مختار“ آهي، ٭ سَيدي قطبِ مدينه جي ڏاڏي حضرت شيخ قُطبُ الدين قادري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بعد ۾ سندن نالو ’’ضِياءُ الدِّين‘‘ رکيو هو، ٭ سَيدي قطبِ مدينه سومر جي ڏينهن ربيعُ الاوّل 1294ھ بمطابق 1877ء جو ڳوٺ ڪلاس والا، ضلعي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيا. (سيدي ضياء الدين احمدالقادري، ۱/۱۶۴،ملتقطاً) ٭ سَيدي قطبِ مدينه اميرِ اهلسنت حضرت علامه محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا مُرشِد آهن، ٭ سَيدي قطبِ مدينه کان لکين ڪروڙين دعوتِ اسلامي وارا محبت ۽ عقيدت رکن ٿا، ٭ اهو ئي سبب آهي جو سَيدي قطبِ مدينه جي وِلادت واري مڪانِ عاليشان کي خريدي دعوتِ اسلامي مسجد ۽ مدرسة المدينه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ٭ سَيدي قطبِ مدينه اِبتِدائي تعليم پنهنجي ڏاڏي