Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

الرِّضْوَان جي قرب ۾ دفن ڪيو ويو۔ (سيدي قطبِ مدينه،ص۱۷) ٭ سَيدي قطبِ مدينه جي سيرت بابت وڌيڪ معلومات جي لاءِ اميرِ اهلسنت جو رسالو ”سيدي قطبِ مدينه“ جو مطالعو فرمايو۔ هن رسالي کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان پڙهي به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي پيرو مرشد جي بارگاه بيڪس پناھ ۾ هن طرح عرض ڪن ٿا:

مجھ  کو  دیدو  بقیعِ    غَرقَد   میں                اپنے  قدموں  میں جا ضِیاءُ  الدّین

مُصطَفٰے   کا   پڑوس  جنّت میں                مجھ  کو  حق  سے  دِلا  ضِیاءُ   الدّین

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ  بنے آقا                              جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قربانيءَ جون سنتون ۽ آداب!

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن ته قربانيءَ واري عيد جي آمد آمد آهي ته اچو! انهيء مناسبت سان قرباني جون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ پهريان 2 فرامينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: قرباني ڪرڻ واري