Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’مدني دورو‘‘

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قرباني جا شرعي احڪام سکڻ ۽ قرباني کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي سوچ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن جون ڌومون مچايو۔ 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني دَورو“ به آهي، جنهن جي ذريعي گھر گھر، دُڪان دُڪان ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي آهي۔ سُنّتن جي تربيت جي لاءِ سفر ڪرڻ وارن مدني قافلن جي شيڊول ۾ ته روزانو نمازِ عصر کان پوءِ ”مَدَني دَوري“ جي ترڪيب ٿيندي آهي، ان جي علاوه عَلائقن، حلقن ۾ هفتيوار (Weekly) اهو مدني ڪم تنظيمي طور تي طئي ٿيل آهي۔ ڪيئي خوش نصيب عاشقانِ رسول هفتي ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا به ”مَدَني دَورو“ ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪن ٿا، ”مَدَني دَورو“ نهايت ئي اهم مدني ڪم آهي، ڇوته هن مدني ڪم جي ذريعي مسجدون آباد ٿين ٿيون، ”مَدَني دَورو“ نيڪي جي دعوت جون فضيلتون ماڻڻ جو بهترين ذريعو آهي،”مدني دَوري“ جي ذريعي عِلمِ دِين سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي، ”مَدَني دَوري“ جي بَرَڪت سان نفلي اعتڪاف جي سعادت ملندي آهي، ”مَدَني دَوره مدني تربيت جو بهترين ذريعو آهي،” مَدَني دَوري“ جي برڪت سان سلام“ جي سُنّت به عام ٿيندي آهي ۔”مَدَني دَوري“ ۾ نفس جي ڪاٽ ۽ تڪبُّر جو علاج به ڪري سگھجي ٿو، ”مَدَني دَورومَدَني قافلا سفر ڪرائڻ جي مشين آهي۔ ”مَدَني دَورو“ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي ترقّي کي نمايان ڪري ٿو۔

          اچو! تَرغِيب لاءِ مدني دوري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني دورو ڪرڻ جي نِيت ڪريو، جيئن

مسجد ڏانهن هلڻ لڳو

سنڌ جي شهر ٽنڊو آدم ۾ ٽن ڏينهن جي لاءِ عاشقانِ رسول جو هڪ مَدَني