Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

(1000) گھوڙن جي اَجر جي برابر ٿيندو۔ (اللآليء المصنوعة للسيوطي،ڪتاب الصيام، ۲/۹۱ملتقطاً) (البت ”حج ڪرڻ واري تي جيڪو عَرَفات ۾ آهي، ان کي عَرَفَه (يعني9 ذُوالحِجَّة الحَرَام) جي ڏينهن روزو رکڻ مڪروه آهي۔“  (بهار ِشريعت،حصه:پنجم،۱/۱۰۱۰)

روزہ داروں کے واسطے وَاللّٰہ                                    مغفرت کی نوید ہوتی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ذُو الحِجَّه شريف جي ابتدائي 10 ڏينهن ۾ ڇا ڪريون؟

                             سُبْحٰنَ الله! ٻڌو اوهان ته ذُوالحِجَّه شريف جا ابتدائي 10 ڏينهن به ڪيتري قدر برڪتن ۽ رحمتن وارا آهن، جن ۾ ربِّ ڪريم جي رحمت ٻانهن تي ڇماڇم وسي رهي هوندي آهي،جيڪو خوش نصيب انهن ڏينهن ۾ رِضاءِ الٰهي جي لاءِ پهرين ذُوالحِجَّة کان نائين ذُوالحِجَّة تائين روزا رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته الله ڪريم ان کي هزارين غلام آزاد ڪرڻ، هزارين اُٺن جي قرباني ڪرڻ ۽ راھِ خدا ۾ ڏنل هزارين گھوڙن جي برابر اَجر و ثواب عطا فرمائيندو آهي۔

      اي عاشقانِ رسول! غور ڪريو! انهن مبارڪ ڏينهن ۾ هڪ، هڪ روزو رکڻ تي ايتري قدر ثواب عطا ڪيو پيو وڃي ته جيڪي خوش نصيب مسلمان انهن ڏينهن ۾ مختلف (Different) عبادت مثال طور ڏينهن جو روزو ۽ راتين جو جاڳي عبادتون ڪرڻ ۾ گذاريندا هوندا ته انهن جي ثواب جو اندازو ڪير لڳائي سگھي ٿو ۽ الله ڪريم انهن کي عبادت ڪرڻ تي ڪهڙن انعامن ۽ بخششن سان نوازيندو، تنهنڪري اي عاشقانِ رسول انهن 10 ڏينهن کي هرگز هرگز غفلت ۾ نه گذارڻ گھرجي، ان 10 ڏينهن ۾ پنهنجو پاڻ کي عبادت ۾ مشغول رکڻ گھرجي، ان 10 ڏينهن ۾ 10 ذُوالحِجَّة جي ڏينهن جي علاوه باقي ڏينهن جا روزا رکڻ گھرجن، ياد رهي! 10ذُوالحِجَّة الحرام جو روزو رکڻ مڪروهِ تحريمي ۽ گناھ آهي ۔          (بهارشريعت،۱/۹۶۷ملخّصًا،دُرِّ مُخْتاروردالمحتار،۳/۳۹۱ ملخّصًا)